اسلام آباد (بيورو) آرمي چيف جي مقرري واري مامري تي اتحادي حڪومت سرگرم آهي، ان حوالي سان ن ليگ جي قائد نوازشريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ اختر مينگل سان فون تي رابطا ڪيا آهن. ٽنهي اڳواڻن وچ ۾ نئين آرمي چيف جي مقرريءَ واري معاملي تي مشاورت ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب اڳواڻن ڳالهه ٻولهه دوران عمران خان جي قومي سلامتي خلاف بيانئي تي قانون ڪارروائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٽنهي اڳواڻن وچ ۾ رابطي دوران ملڪ جي ٻين سياسي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف طبعيت خراب هئڻ سبب پنهنجي ڏيهه واپسي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه ڏينهن اڳ لنڊن ويو هو ۽ کيس گذريل ڏينهن ملڪ واپس ورڻو هو پر هو وڌيڪ هڪ ڏينهن لاءِ لنڊن ۾ ترسي پيو هو جنهن کانپوءِ اڄ کيس وطن لاءِ روانو ٿيڻو هو. شريف خاندان جي ذريعن وٽان اطلاع مليو آهي ته وطن واپسي لاءِ ايئر پورٽ روانگي کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي طبعيت خراب ٿي وئي. ذريعن موجب وزيراعظم جي طبعيت خراب هئڻ سبب فيملي کيس سفر نه ڪرڻ جي صلاح ڏني جنهن سبب هن پنهنجي وطن واپسي ملتوي ڪري ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ ٻه ڏينهن لنڊن ۾ ترسندو، هاڻ وزيراعظم اڄ يا سڀاڻي رات وطن واپس روانو ٿيندو.
