سڪندر چنو
جڏهن اسين واٽس اپ ڪندا آهيون ته اسان جي سامهون ڪڏهن نه ايڊز ايندي آهي ۽ نه وري ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ وقت اسان کان ڪابه سبسڪپرشن جي ڪا اسين واڌارو رقم ڀريندا آهيون. سوال اهيو ٿو پيدا ٿئي ته آخرڪار اهي ڪمپنيون اسان کي بهتر ۽ مفت سروس ڇو ڏينديون آهن؟ اصل ۾ اهي مفت سروس نه ڏينديون آهن. بلڪه ان جي بدلي اسان کان گهڻو ڪجهه حاصل ڪنديون آهن. ۽ اسين انهن کي مفت ۾ پنهنجي مڪمل ڊيٽا باآساني ڏيندا آهيون. پهريان اهيو سمجهڻ تمام ضروري آهي ته ڊيٽا جو مقصد اسان جون تصويرون يا وڊيوز نه آهن. ڇاڪاڻ ته فيس بوڪ يا گوگل کي اسان جون جيتريون به تصويرون گهربل هونديون آهن اسان اهي پنهنجي راز خوشيءَ سان ان کي ڏيندا آهيون. انهن ڪمپنين جي دلچسپي اسان جي ان ڊيٽا ۾ هوندي آهي ته اسين ڪيڏانهن ڪيڏانهن وڃون پيا. يا سفر ڪريون پيا يا ڪنهن پراڊڪش ۽ ڪمپنين بابت ڳالهه ٻولهه ڪريون ٿا. ان کان پوءِ اهي ڪمپنيون پنهنجي ضرورت مطابق ڊيٽا استمال ڪنديون آهن. مثال طور ڪي ماڻهو واٽس اپ تي ڪنهن ڪمپني بابت وڌيڪ ڳالهائيندا آهن ته پوءِ واپٽس اپ ڪمپني جو مالڪ فيس بوڪ ڪمپني کي اهيو اندازو ٿي ويندو آهي ته ان ڪمپني جي ڊمانڊ يا گهرج زياده هوندي آهي ته پوءِ ڪمپني ان کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هوندي آهي. ان کان علاوه ان ڊيٽا مان اهيو اندازو به لڳايو ويندو آهي ته فيس بوڪ تي اسان کي ڪهڙي چيز ايڊز ڏيکاري ويندي ته جيئن اسان ان ايڊز تي ڪلڪ ڪري ان سان فيس بوڪ تي ڪمائجي. بلڪل اهڙيءَ طرح گوگل نقشن ذريعي اهڙي قسم جا ڊيٽا گڏ ڪندو آهي. ته اسان ڪٿي ڪٿي ۽ ڪنهن اسٽور يا ريسٽورنٽ وغيره ۾ وڃي ڪري ڪيترو وقت گذاري رهيا آهيون. ان ڊيٽا کي گوگل بلڪل فيس بوڪ جيان ايڊز يا انويسٽمينٽ جي فيصلن ۾ استعمال ڪندو آهي. هن ڊيٽا جي اهميت جو صرف هڪ جواز آهي. ان کان علاوه به ڊيٽا جي انتهائي اهم استعمال ضروري آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي معاشي ماهر مستقبل ۾ ڊيٽا کي تيل ۽ گئس وغيره جي ذخيرن استعمال لاءِ به اهم قرار ڏئي رهيا آهن. پاڪستان ۾ تيل جا ذخيرا ڪيترائي آهن ان کان علاوه اسان وٽ ڊيٽا جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي شرط صرف اهيو آهي ته اسان ان کي صحيح طريقي سان استعمال ڪريون ڪچي تيل جيان ڪچي ڊيٽا جو اسان وٽ ڪو استعمال نه آهي. ۽ ڊيٽا کي به صرف ريفائينڊ جي شڪل ۾ ئي استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڊيٽا ريفائينڊ ڪرڻ ۾ جيتوڻيڪ وڏي محنت جي ضرورت آهي ان لاءِ پهريون ڀيرو ڊيٽا کي محفوظ ڪندي اهيو خيال رکڻ گهرجي ته ڪمپيوٽرن جي لاءِ قابل استعمال شڪل ۾ موجود هجي. ڊيٽا جو استعمال ڪمپيوٽرن جي جديد ترين آرٽيفيشل انٽيليجنس جي الگورٿمز بنائڻ ۾ ڪيو ويندو آهي جنهن جو ٺاهڻ ڊيٽا کان سواءِ ناممڪن آهي. ڪمپيوٽر سافٽويئر يا روبوٽس ڪم جي وقت فيصلا وٺڻ لاءِ اهيو الگورٿمز استعمال ڪيو ويندو آهي. اسان وٽ بدقسمتيءَ سان ڊيٽا کي ريفائن ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر خام شڪل ۾ به محفوظ نه ڪري رهيا آهيون. بلڪه ائين کڻي چئجي ته اهيو خزانو به مڪمل طور تي ضايع ڪري رهيا آهيون اسان وٽ زياده کاتن ۾ اڄ به ڊيٽا پراڻي طور طريقن سان رجسٽرن ۾ لکيون وڃن ٿيون. جنهن جي ڪري ڪمپيوٽر ته پري جي ڳالهه پر انسانن کي به ضروري ۽ قيمتي رڪارڊن ۾ ڪا شيءِ ڳولڻ ۾ هفتا لڳي وڃن ٿا. پاڪستان کان علاوه دنيا جا ٻيا سڌريل ۽ ترقي يآفته ملڪ هڪ طرف ڪيترن ئي سالن کان وٺي پنهنجي ڊيٽا ريفائن شڪل ۾ محفوظ ڪري رهيا آهن ان جو هڪ ننڍڙو مثال گوگل ٽرانسليٽ (ترجمو) ايپ آهي. جنهن جي وسيلي هٿ سان لکيل انگريزي جو ترجمو ڪيو وڃي ٿو. اسان جي هڪ ٻئي ڪمزوري اهيا به آهي ته سنڌيءَ جي لاءِ اسان اهڙيءَ طرح جون ڪي به ڪوششون نه ڪيون آهن. جنهن جي ڪري اسان ڪتابن يا رجسٽرن ۾ موجود رڪارڊ کي با آساني ڪمپيوٽرن ۾ به منتقل نه ٿا ڪري سگهون. جيڪڏهن اسان وٽ ڊيٽا ريفائن شڪل ۾ موجود هجي ته اسان ان جو استعمال ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪري سگهون ٿا. مثال طور جيڪڏهن صرف سپريم ڪورٽ جا ئي سڀ فيصلا اهڙي انداز ۾ محفوظ هجن جنهن ۾ ڪنهن چارٽ جي شڪل ۾ ٻڌايل هجي ته هن ڪيس ۾ ڪهڙا شاهد هيا. جج صاحبن ڪهڙا دليل تسليم ڪيا ۽ ڪهڙا دليل خارج ڪيا ۽ شاهدن ڪهڙيون شاهديون ڏنيون ان ڊيٽا کي استعمال ڪري آرٽيفيشل انٽيليجنس جي وسيلي اسان با آساني هڪ ڪمپيوٽر سافٽويئر ٺاهي سگهون ٿا. جيڪو اهيو ٻڌائڻ جي قابل هوندو ته ڪهڙي نموني ڪيس ۾ ڪهڙي قسم جو شاهديون گهرجن ۽ جج صاحبن کي ڪيس ۽ دليلن جي ڪهڙن ڪهڙن نقطن ڏانهن توجهه ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن اهيو سافٽويئر هيٺين ڪورٽن ۾ سڀني جج صاحبان جي رهنمائيءَ جي لاءِ موجود هجي ته سڄي ملڪ ۾ ججن جا فيصلا هڪ معياري فيصلا ٿي ويندا ۽ انهن فيصلن جو هڪڙو ئي معيار ۽ انداز ٿي سگهي ٿو. هن مان اهيو به چٽو امڪان نڪري ايندو ته اپيل جي صورت ۾ هاءِ ڪورٽن ۾ ڪيسن جا نوان پهلو سامهون نه ايندا ۽ جلد ئي ڪيس جج صاحبان ٻڌندا ۽ انهن کي حل ڪري وٺندا. اهيو عدالت جي لاءِ معاون سافٽويئر نه صرف انصاف جي فراهمي ۾ بهتري آڻي سگهي ٿو. بلڪه خرچن ۾ به گهڻي گهٽتائي اچي سگهي ٿي. ۽ پوءِ سافٽويئر کي دنيا اندر وڪرو به ڪري سگهجي ٿو. مثال طور جيڪڏهن اسان سڀني اسپتالن ۾ ان شيءِ جو رڪارڊ رکون ته ڪهڙي مريض کي ڪهڙي بيماري هئي ۽ ان جا ڪهڙا ٽيسٽ ٿيا آخري طور اهو مريض ڪهڙي مرض ۾ مبتلا هيو ڪهڙي دوا سان فرق نه پيو ۽ آخرڪار ڪهڙي نسخي سان علاج ٿيو ته ان ڊيٽا سان اهڙو سافٽويئر ٺاهي ڪري پاڻ وٽ محفوظ رکي سگهجي ٿو. ان سان مريضن جو ۽ ڊاڪٽرن جو به وقت گهڻو بچي پوندو. اهي ڊيٽا جي استعمال جا چند مثال آهن جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان وسيلي اسان ڪهڙي ڪهڙي نموني جا سافٽ ويئر ٺاهي سگهون ٿا. جن کي ڪنهن بحري جهاز يا بندرگاهه تي کڻي وڃڻ کان سواءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڪرو ڪري سگهجي ٿو. اسان کي خاص ڪري سنڌ جي نوجوانن کي ان خزاني جي طرف سنجيدگيءَ سان توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي ڪهڙي خبر اهو خزانو اسان جي لاءِ ترقيءَ جون راهون کولي ڇڏي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي نوجوانن ۾ وڏو ٽيلينٽ موجود آهي پر سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اهڙن نوجوانن جي همٿ افزائي ڪري انهن کي سافٽويئر طرف مالي طور مدد ڪري انهن کي اڳتي آڻي دنيا اندر پاڻ مڃرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي. ۽ اسان جي ذاتي ڊيٽا قدرتي وسيلن کان به وڌيڪ ڪارائتي ۽ اهم آهي ان کي هروڀرو ضايع نه ڪيو وڃي.
