اڏيرو لال جي يوسين مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

اوڏيرولال(ن س) يونين ڪائونسل عرضي هڪڙا ايٽ نوبت مري،  يوسي محمد حسين هنڱورو، جي   مختلف ڳوٺن سميت زرعي زمينن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن جو   اميربخش هڪڙو ، اشتياق هڪڙو ،نورحسن هڪڙو ، حاجي هڪڙو   اڪبر ساند ، محمد بخش هنڱورو جي اڳواڻي ۾ ڊي سي مٽياري   خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعري بازي ڪندي چيو ته 3 مهينا گذرڻ باوجود ڊي سي مٽياري جي نااهلي سبب برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آهي. برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مختلف ڳوٺ برسات جي پاڻي هيٺ آهن ۽ ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن. پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري اسان ڪڻڪ جو فصل به پوکي نٿا سگهون جنهن  ڪري  اسان سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون جڏهن ته ڊي سي مٽياري  ڊيزل جي مد ۾ ڪروڙين رپيا هڙپ ڪري ڇڏيا آهن ۽ ڪجهه من پسند ماڻهن کي ڊيزل ڏئي صرف فوٽو سيشن ڪرائي بالا آفيسرن کي سرمون پارايو ويو آهي  ۽ مختلف ڳوٺن جا رهواسي ڳوٺن ۾  برساتي پاڻي هجڻ ڪري روڊن رستن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن ۽ سردي سبب اهو مختلف بيمارين ۾ پڻ وڪوڙجي ويا آهن پر انتظاميه جي ڪن تي جون به ٿي سري  هنن وڌيڪ چيو ته جي اسان جي زرعي زمينن ۽ ڳوٺن مان جلد برساتي پاڻي نيڪال نٿي سگهيو ته وڏو انساني اليمو جنم وٺندو جنهن جو ذميوار مٽياري ضلعي جا ڪاموره هوندا ،  انهن چيف جسٽس آف سنڌ هاء ڪورٽ  کان مطالبو ڪيو ته پاڻ مرادو نوٽيس وٺي اسان جي زرعي زمينن سميت ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي ته جئين اسان پنهنجي گهرن ڏانهن واپس  موٽي سگهون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں