عمرڪوٽ/ڪنري(نمائندن وٽان) پي ٽي آء ايم پي اي ۽ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ۽ اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي پاران عمرڪوٽ ۾ مالهي هائوس تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سربراھ عمران خان جنهن مقصد سان حقيقي آزادي مارچ ڪڍيو هو انشاالله انهي ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين، مخالف عمران خان کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو ناڪام ٿي ويا آهن، حقيقي آزادي جي ضرورت ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ صوبي جي عوام کي وڌيڪ آهي، هنن چيو ته گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب آڏو صحت کاتي جي نرسن تي تشدد ڪيو ويو اهو افسوس لائق آهي سنڌ حڪومت کي شرم اچڻ گُھرجي جنهن کي پنهنجي روين جي ڪا به پرواه ناهي، نياڻين جي تشدد تي وزير تعليم ۽ ثقافت سيد سردار شاھ جيڪو لوئي ۽ لڄ جو رکوال سڏائي ٿو پر هن جو انهي مسئلي تي اڃا تائين ڪو بيان سامهون ناهي آيو، لڳي ٿو ته گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيل پاران پوليس آفيسر کي ماريو ويو انهي جو پلاند ڪراچي ۾ ڊاڪٽرن سان ورتو ويو، اسان سڄي وارتا جي مذمت ڪيون ٿا، ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪمند جا اگھ مقرر نه ڪيا آهن جنهن سبب آبادگار پريشان آهن، شگر ملون به هنن مافيائن جون آهن جلد ڪمند جا سرڪاري اگھ مقرر ڪيا وڃن، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت دعويٰ ڪري رهي آهي ته اسان ٻوڏ متاثرن لاء لکين رپيا جاري ڪيا آهن پر حالت هي آهي ته اڃا ڪافي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي به نيڪال ناهي ٿيو ۽ انهي سان گڏ ڊرائي فروٽ ٻوڏ متاثرن کي ڏيڻ جي دعوي ڪئي آهي جڏهن ته سنڌ جي ماڻهن جي حالت هي آهي ته هو ٻن ويلن جي ماني لاء پريشان آهن. ٻئي طرف ڪنريءَ ۾ عوامي اجتماع کي خطاب ڪندي حليم عادل چيو ته سنڌ حڪومت ايڏي خوفزده جو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ بلدياتي چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ ڪڏھن عدالت ته ڪڏھن اليڪشن ڪميشن جو سھارو وٺي ٿي ھنن کي خبر آھي ته 90 سيڪڙو سيٽون پي ٽي آئي کٽيندي ان ڪري ھنن جون ڪانپين ٽانگ رھي ھين، سنڌ حڪومت آخري پساھن ۾ آھي ۽ خالي ڪارونجھر نه پر سڄي سنڌي کي وڪڻڻ جي چڪر ۾ آھن پر انشاالله پي ٽي آئي ڀرپور احتجاج ڪري انھن جا ارادا ناڪام ڪندي. اپوزيشن ليڊر سان گڏ پي ٽي آئي اڳواڻ ڊاڪٽر دوست محمد ميمڻ، بابر حيات رند، حاجي نثار آرائين. اڪبر پلي ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.ان موقعي تي پاڪستان ڪولهي اتحاد جي وفد سيٺ لالچند ڪولھي. ڀارمل مڪواڻا، پھلاج ۽ ٻين سنڌ ۾ ھندو برادرين سان وڌندڙ زيادتين بابت آگاھي ڏني.
