حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) ٻوڏ متاثر جي واهر لاءِ هڪ ڏينهن وارو لاهوتي چيرٽي پروگرام حيدرآباد ڪلب ۾ منعقد ڪيو ويو. هن پروگرام ۾ ناميارن فنڪارن ۽ آرٽسٽن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. جڏهن ته سنڌو ڌرياهه جي منڊ کان پڇڙي تائين سنڌو درياهه جي صورتحال تي هڪ ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي. ڊاڪيومينٽري کانپوءِ هڪ ويهڪ پڻ منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ ليکڪه ڊاڪٽر عرفانه ملاح, آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئر ضريف کيڙو، اسحاق مڱريو، وجاحت ملڪ ۽ ٻين ڳالهه ٻولهه ڪئي. عرفانه ملاح چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي جياپي جو ذريعو آهي. سنڌ جا ماڻهو درياءِ سان محبت ڪن ٿا ان درياهه جو رکو نالو ناهن وٺندو آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جو خزانو آهي. ان کي بچائڻ جي ضرورت آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو ئي ان خزاني کي بچائي سگهن ٿا. ضريف کيڙي سنڌو درياهه جا قديم چارٽ ۽ نقشا ڏيکاريندي چيو ته سنڌو درياهه مسلسل پنهنجا رخ مٽائيندو رهيو آهي. اهي سڀ رخ هاڻ سنڌو درياهه جا ڍورا سڏجن ٿا. حڪومت انهن سڀني ڍورن کي هاڻ بحال ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن ٻوڏ کي منهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته اسان سنڌ وارن کي پنهنجو ڪيس ان طرح رکڻ گهرجي ته جيئن ٻوڏ جي صورت ۾ نوان ڊيم اڏڻ واري ڳالهه کي رد ڪري سگهون. ڇو ته ٻوڏ هڪ فطري عمل آهي ۽ ٻوڏ ئي درياهه جي جياپي جو سبب بڻجي ٿي. پر درياهه جي پاڻي جڳهه ملڻ گهرجي ته جيئن نقصان کان بچي سگهجي. سينئر صحافي اسحاق مڱريو چيو ته درياهه جو سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ سمنڊ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ اهو سلسلو اڃا جاري آهي. سنڌو درياهه کي سڪائڻ جي ڪري سنڌ جي معيشيت تي خراب اثر پيا آهن. ماڻهن جو روزگار ختم ٿيو آهي. سنڌوء ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سنڌ جو پلو ختم ٿي چڪو آهي. پلي جو سنڌ جي ماڻهن جي روزگار سان گڏ روحاني لاڳاپو به آهي. هن چيو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري پلو ختم ٿي چڪو آهي. اسان کي درياهه بچائڻو پوندو. هن چيو ته سياسي فيصلن ۽ ماحوليات جي ڪري صرف سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن وڏو سفر ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه ۽ موهن جو دڙو عالمي سطح جي محققن کي سنڌ ڏانهن متوجهه ڪيو. سنڌ کي عالمي طور تي پيش ڪيو. سنڌو درياهه تي ڊاڪيومينٽري ٺاهيندڙ وجاحت ملڪ چيو ته مون سنڌو درياءِ جو 45 ڏينهن جو سفر ڪري درياهه جي شروعات کان وٺي پڇڙي تائين سفر ڪيو. درياهه جي مٿين حصي ۾ رهندڙ سمورا ماڻهو مون کي هڪ جهڙا لڳا. پر سنڌ ۾ اچي صورتحال مختلف لڳي. سنڌ جا ماڻهو درياهه جي جنهن طريقي سان مالڪي ڪن ٿا ٻين علائقن جا ماڻهو اهڙي مالڪي نٿا ڪن. سنڌ جا ماڻهو سنڌو درياهه سان تمام گهڻي محبت ڪن ٿا. منهنجي سفر جو مقصد اهيو آهي ته پنهنجي ملڪ واسين کي احساس ڏياريون ته درياهه اسان سمورن جي زندگي آهي. درياهه کي بچائڻ سان ئي ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. جڏهن ته پروگرام جي آرگنائيزر ۽ راڳي سيف سميجو چيو ته هن چريٽي شو ڪرڻ کانپوءِ گڏ ٿيندڙ پيسن مان ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي ويندي. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري سنڌ جي ماڻهن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. صورتحال تمام گهڻي خراب آهي. چيرٽي پروگرام ۾ نامياري فنڪارا صنم ماروي، سيف سميجو، مائي ڌائي ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
