مون ڪڏهن به آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري ناهي بڻايو، ملڪ جا فيصلا لنڊن ۾ ڪيا پيا وڃن: عمران خان

لاهور (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون ڪڏهن به آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري ناهي بڻايو، مان ميرٽ تي فوجي سربراهه آڻڻ جي ڳالهه ڪيان ٿو. لاهور مان وڊيو لنگ ذريعي لالا موسيٰ ۾ پي ٽي آءِ جي حقيقي آزادي لانگ مارچ کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته لنڊن ۾ ويهي ملڪ جا فيصلا ڪيا پيا وڃن، ٻاهر ويٺل چورن جو سردار ملڪ جا اهم فيصلا ڪري رهيو آهي، ڪنهن مهذب ملڪ ۾ ائين ناهي ٿيندو ته روپوش ملڪ جا فيصلا ڪري، سزا يافته شخص ۽ سندس پٽ احستاب کان ڀڄي ويا ڇو جو سندن ٻاهر ملڪيتون آهن. هن ڊيلي ميل ڪيس بابت ڳالهائيندي چيوته شهباز شريف کي ڀُل آهي ته برطانيا ۾ سندس مرضي موجب فيصلو ٿيندو، شهباز شريف تي ڊيلي ميل طرفان چوري جو سنگين الزام مڙهيو ويو آهي، برطانوي عدالت هاڻ کائنس سوال ڪري رهي آهي، شهباز شريف نٿو ڄاڻي ته هن دفعي هو ڪٿي ڦاٿو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان جو هڪڙو ئي مطالبو صاف، شفاف چونڊون آهن. ملڪ جي تقدير جا فيصلا ملڪ کان ٻاهر ٿي رهيا آهن. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خطاب ڪندي چيو ته گذريل 4-5 ڏينهن کان وزيراعظم ملڪ کان ٻاهر ويل آهي ۽ (ن) ليگ جي دور ۾ نوازشريف جو پٽ ٻاهر ڀڄي ويو. نوازشريف جي پٽن لنڊن ۾ جيڪا اربين روپين جي ملڪيت خريد ڪئي آهي اهي پئسا ڪٿان کان آيا؟ هن چيو ته اسحاق ڊار اين آر او کان پوءِ ملڪ واپس آيو ۽ شهباز شريف جو پٽ سلمان شهباز به ڪرپشن ڪرڻ کان پوءِ ملڪ مان ٻاهر ڀڄي ويو آهي. ملڪ جي تقدير جا فيصلا ملڪ کان ٻاهر ويهي ڪيا پيا وڃن. عمران خان چيو ته شهباز شريف ڊيلي ميل تي ڪيس ڪيو ۽ برطانيه جي عدالتن شهباز شريف کي جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ طلب ڪيو آهي. جيستائين ملڪ ۾ انصاف نه ٿيندو معاشرو آزاد نٿو ٿي سگهي. اهڙي طرح ملڪ ايشين ٽائيگرز نٿو بڻجي سگهي ۽ لاهور پيرس نٿو بڻجي سگهي. هن چيو ته جنهن ملڪ ۾ قانون تحفظ نه ڏئي ان ۾ واپار نٿو ڪري سگهجي. هي ٻاهر ويٺل پاڪستانين کي ته چون ٿا پر پنهنجا پئسا واپس نٿا آڻين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں