ٽنڊوغلام علي: اغوا ٿيل ٻن نارين جي بازيابيءَ لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو

ٽنڊوغلام علي (ن س) ٽنڊوغلام علي ۾ ٺاڪر برادري جو پنهنجي معصوم ٻارن عورتن سان گڏ مبينا اغوا ڪندڙ بااثر جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندا پريس اڳيان ڌرڻو ھڻي ويهي رھيا ان موقعي تي نابالغ ناري 13 سالا شريمتي حنا جي ماءُ شريمتي ميران 11 سالا شريمتي نشا جي ماءُ شريمتي گينا پيءُ رامجي ٺاڪر اشوڪ ٺاڪر ماوجي ٺاڪر ۽ ٻين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته ھڪ مهينو اڳ اسان جون 2 نابالغ نارين کي بااثر جوابدار ثناءُ الله ڏواڪر, غلام مصطفي ڏواڪر اغوا ڪري ھٿيارن جي زور تي کڻي زبردستي مذھب مٽائي شادي ڪري ڇڏي جنهن جي اسان 8 بااثر جوابدارن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ھو ليڪن ھڪ ھفتو گذرڻ جي باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رھي آھي رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ٻنهي نارين کي 164 لاء ماتلي جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي ٺاڪر برادري جي وڪيل ٻنهي نارين جي ننڍي ڄمار جا سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا جنهن تي عدالت ٽنڊوغلام علي پوليس کي حڪم ڪيو ته نارين جو سول اسپتال بدين مان ميڊيڪل ڪرائي رپورٽ اچڻ تائين دارلامان حوالي ڪيو وڃي ٽنڊوغلام علي پوليس ٻڌايو ته ٻن مک جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو آھي ۽ ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو, ٻي طرف مظاھرين چيو ته جيستائين ملوث سڀئي جوابدار گرفتار نه ٿيندا تيستائين اسان جو احتجاج جاري رھندو مظاھرين جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ھئا جن تي مختلف نعرا لکيل ھئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں