پکو(ن س) پکو ۾ پوليس جي ون ويلرن خلاف ڪاروائي 8 نوجوانن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو سي آءّ پوليس منظور چانڊيو جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪاروائي ۾ حصو ورتو ون ويلنگ ڪندڙ 25 نوجوانن تي ٿاڻي تي آندو ويو 17 نوجوان سفارش ۽ رشوت تي آزاد ڪيو ويو ان ڏس ۾ گذريل ڏينھن پکو شھر جي باءّ پاس مين انڊس ھاءّ وي روڊ ٿي موٽرسائيڪلن ذريعي ون ويلنگ ڪندڙ نوجوانن خلاف قمبر جي مختلف ٿاڻن جي پوليس سي آءّ انسپيڪٽر منظور چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڪاروائي ڪئي جنھن ۾ پوليس 25 کان وڌيڪ نوجوان سوگھا ڪري پکو ٿاڻي تي آندا جتان سياسي ماڻھن جي سفارش عيوض 17 نوجوانن کي ڇڏيو ويو جڏھن ته 8 نوجوانن رابيل پٽ سيف ﷲ مغيري عاشق پٽ گلشير کوکر ياور حسين پٽ اعجاز ٻگهيو مقبول پٽ محرم مغيري دلشاد پٽ اعتبار مغيري سجاد پٽ غوث بخش مغيري عامر پٽ اختيار شيخ ۽ جاويد پٽ روشن مغيري مٿان گناھ نمبر 289/2022 قلم 279 تحت ڪيس درج ڪري موٽرسائيڪلون تحويل ۾ وٺي لاڪپ ڪري ڇڏيو جڏھن ون ويلنگ ڪاروائي ۾ عام مسافرن ۽ پولس ۾ منھن ماري پڻ ٿيندي رھي.
