ڄامشورو(ڊ ر) سنڌ جي نامياري عوامي شاعر استاد بخاري جي 30 ورسي ڄامشورو ۾ ڀرپور نموني سان ملهائي وئي، جنهن ۾ ادبي ويهڪ سان گڏ راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿي. منظور سيخراڻي آرٽ گئلري طرفان سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي ۽ سنڌڙي ٽائون ڄامشورو جي سهڪار سان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم ۾ رٿيل ورسي تقريب ۾ سنڌ جي اديبن، دانشورن، قلمڪارن، يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ورسي تقريب ۾ پھرئين ادبي نشست ۾ ٿي جنهن کي سنڌ يونيورسٽي دادو ڪيمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه، انسٽيٽيوٽ آف سنڌا لاجي جي ڊائريڪٽر غلام مرتضي سيال، ناليواري ليلکڪ نصير مرزا، عورتن جي ادبي رسالي سرتيون جي ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا، نذير قريشي، علي دوست عاجز، شاعر فدا چانڊيو، پروفيسر آدم ٻُٽ، استاد بخاري جي پٽ سيد آفتاب علي شاھ بخاري، نور نبي راهوجو، سيد لطف علي شاهه، نعيم ملڪ، سرور سخيراڻي، صائب ميمڻ ساگر الاهي بخش عالماڻي، محمد ايوب جوڻيجو سوڌو سنڌ جي ناميارن اديب ۽ ليکڪ استاد بخاري جي شاعري ۽ شخصيت تي روشني وڌي ۽ کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ کيس سنڌ ڌرتي ۽ عوام جو آواز ۽ محبت جو پرچارڪ قرار ڏنو ويو ۽ چيو ته استاد بخاري عوامي شاعر هو هن هميشه عوام ۽ سنڌ جي اهنجن کي پنهنجي شاعري ۾ سموهيو، هنن چيو ته استاد پنهنجي شاعري بنا موسيقي جي ترنم ۾ ڳائيندو هو، اهو ئي هن جو ڪمال جو هو موسيقي جو ڄاڻو هجڻ ڪري هن پنهنجي شاعري جون ڌنون به پاڻ جوڙيون ۽ پنهنجي نگرانيءَ ۾ فنڪارن کان صحيح تلفظ ۾ ڳارايون. ورسي تقريب ۾ ناميارن فنڪارن استاد منظور سيخراڻي، وقار ملاح، علي رضا راڄپر، خوشبو لغاري، دانش منظور، طاهر مٺو، فيضان سرور سخيراڻي، راحيل جوکيو، جونيئر محمد يوسف، لياقت سهارڻ، راحت ۽ انتخاب بڙدي ۽ ٻين استاد بخاري جي قومي شاعري ۽ ڪلام پيش ڪيا، تقريب ۾ مزاحيا فنڪار قادر بخش مٺو، شهنائي نواز استاد عبدالله ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
