ڄام مدد علي جي ٻئين ورسيءَ تي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي حوالي سان
جان محمد ابڙو
ڄام ڪانڀو خان واري سخاوت واري روايت کي سدائين سنڀالي رکيو آهي. اها ڳالھ هر سياسي سماجي ۽ عام ماڻھو کي چڱي ريت خبر آهي ته ڄامن جو دسترخوان سدائين ڪشادو آهي، ڄام ڪانڀو خان جي اولاد مان ڄام صادق علي ملڪي ليول تي وڏو نالو ڪمايو، ڄام صادق علي سياست ۾ پير پاتو ته سندس ذهانت آڏو جا سنڌ جا وڏا وڏا سياسي بت ڍير ٿي ويا، جڏھن ڄام صادق علي لنڊن پهچي جلاوطني اختيار ڪئي، هو 1989 تائين جلاوطن رهڻ کان پوءِ جڏھن پاڪستان واپس پهتو، ڄام صادق علي هتي پهچڻ کان پوءِ سياسي طور تي محسوس ڪيو ته پ پ ڄامن کي اهو مان ۽ مرتبو نه ڏنو آهي جيتريون ڄامن جون پ پ لاءِ قربانيون آهن. اهو جواز ڄاڻائي ڄام صادق علي خان پ پ کان پاسيرو ٿي ڄام گروپ ٺاهي سنڌ جو نه صرف وڏو وزير ٿيو پر سنڌ جو ھڪ بااختيار وڏو وزير ٿيو، ڄام ڪانڀو خان جي خاندان مان ڄام صادق علي ملڪي سياست ۾ وڏو نالو ڪمايو پر سندس پونئرن به ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو سندس فرزند مرحوم ڄام معشوق علي خان، ڄام ذوالفقار علي خان سياسي طور نمايان رهيا ته ان وقت ڄام صادق علي خان جو ڀاڻيجو ۽ ڄام انور علي خان جو فرزند ڄام مدد علي خان به سياسي طور تي سنڌ سميت ملڪي ليول تي ھڪ چمڪندڙ سياسي ستاري طور اڀريو ۽ ڄام مدد علي خان پنهنجي پارلياماني سياست جو آغاز باقائيدي 1993۾ ڪيو ان وقت ڄام خاندان خلاف پ پ حڪومت وڏيون سياسي ڪاروائيون شروع ڪيون ته ڄام مدد علي خان، ڄام معشوق علي خان ڪجھ وقت دبئي هليا ويا ان دوران ڄام مدد علي راڄ ڀاڳ ۽ تڪ جي عوام سان ھر وقت رابطي ۾ رھيو ۽ ڄام مدد علي 1997 ۾ فنڪشنل ليگ جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي ٿيو، ان کان پوءِ 2002 ۾ ڄام نواز علي واري تڪ تان ايم پي اي رھيو، 2017 ۾ ڄام مدد علي ڄام نواز علي جي تڪ جي عوام جي اسرار تي فنڪشنل ليگ ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ بائي اليڪشن دوران ڄام نفيس علي کي ھارائي پ پ جي پليٽ فارم تان ايم پي اي ٿيو ۽ 2018 ۾ وري به ڄام مدد علي جو مقالبو پنهنجي مامي ڄام صادق علي جي فرزند ۽ جي ڊي اي جي اميدوار ڄام ذوالفقار علي سان ٿيو جنهن ۾ ڄام مدد عليي وڏي اڪثريت سان ڄام ذوالفقار علي کي ھارائي ڪامياب ٿيو ، ۽ ڄام مدد علي خان پنهنجي حياتي دوران ڄام خاندان جي سخاوت واري روايتن کي سدائين قائم رکيو ، ڄام مدد علي خان تمام ھڪ فقيراڻي طبعيت جو مالڪ هو هر وقت کل ڀوڳ ۽ چهري تي مسڪراهٽ ھٿ ۾ تسبي رکندڙ پرهيزگار شخص غريب امير سان هڪ جهڙو رويو رکندڙ محبتي ماڻھو هو ، ڄام مدد علي پنهنجي علائقي سميت سڄي ضلعي جي غريبن سان بي پناھ محبت ۽ پيار ڪرڻ سان گڏ سندن مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪرائڻ ۽ ترقياتي ڪم ڪرائڻ سان گڏ، بي روزگاري جي خاتمي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون.سندس تڪ ۾ ڪنهن غريب سان هن بي واجبي ٿيڻ نه ڏني ، ڄام مدد علي خان ڪڏهن به ڪچهري ۾ اهو تڪبر نه ڪيو ته سندس نواب گهراڻي سان تعلق آهي ، غريبن جي سدائين مدد شوق سان ڪندو هو وٽس روز جي بنياد تي مدد گهرڻ وارا ايندا هئا ۽ هو سندن مدد ڪندو هو ، ڄام مدد علي جنهن سان به هڪ ڀيرو ملاقات ڪندو هو ته ان کي هزارن ماڻهن ۾ سڃاڻڻ جي صلاحيت رکندو هو ، ڳالهيون دل کولي ڪندو هو وٽس سياست، سياستدانن، بابت وڏا قصا ھوندا هئا ۽ اڪثر ڪچهرين ۾ قصا ٻڌائيندو ھو ۽ صحافين لاء به وٽس ھڪ وڏي عزت هوندي هئي ، ڄام مدد علي لطيف سرڪار جو ھڪ باقائدا پانڌيئڙو هو ڪراچي کان ايندي يا ويندي هو شاھ سائين جي مزار تي حاضري ضرور ڀريندو هو ان جو ثبوت اھو ھوندو ھو ته جنهن ڏينهن الڪشن ھوندي ھئي ته پاڻ پنهنجي مرشد ڀٽ ڌڻي جي درگاھ تي حاضري ڀري پوء پولگ اسٽيشن تي ويندو ھو، ڄام مدد علي خان جي طبعيت عام ڀوتارن واري نه ھوندر هئي هن هميشه ٻن وڙهيلن کي ٺاهيو ۽ ويڙهائڻ وارو ڪم هن ڪڏهن به نه ڪيو ، ڏوهارين جي سخت خلاف هوندو هو ، سياسي طور تي هو سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ رهيو اسيمبلي ۾ سدائين سنڌ دوست ڪردار ادا ڪدو جڏھن سنڌ ۾ ٻٽو نظام لاڳو ڪيو ويو ھو ته ان وقت ڄام مدد علي قومپرستن سان گڏ سياسي ديوار جيان ان نظام خلاف آواز بلد ڪيو ڄام مدد علي ، پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جو چيئرمين ۽ صوبائي وزير پڻ رهيو سياسي طور تي اقتداري پارٽين ۾ رهڻ باوجود مٿس ڪڏهن ڪرپشن جو الزام نه لڳو هن هميشه ھڪ صاف سٿري سياست ڪئي سندس رويو پنهنجن حامين سميت مخالفن سان به هڪ جهڙو هوندو هو هن وٽ مخالف به ڪم ڪار لاء ايندا هئا ته هن انهن کي ڪڏهن به احساس نه ڏياريو ته هو مخالف ڌر جا آهن ، تڪ ۾ سندس مسلسل ڪاميابي جي اصل وجه به سندس حسن اخلاق هو .ان جو ثبوت ان وقت محسوس ڪيو جڏھن سندس جنازو جنازي نماز لاءِ آندو ويو ته ان وقت ھر عام ماڻهون ائين زارو قطار روئي رهيو هئو ڄڻ سندن گهر ڀاتي وفات ڪري ويو ھجي، واقعي اهڙا ماڻهو وڙلي پيدا ٿيندا آهن، ڄام مدد علي خان جي وفات کان پوءِ جتي ڄام خاندان جو وڏو سياسي نقصان ٿيو آهي اتي ضلعي سانگهڙ سميت سنڌ جي سياست جو به ھڪ وڏو سياسي نقصان ٿيو آهي اسان سندس 2 ورسي جي موقعي تي ڌڻي در دعائوگو آھيون ته رب پاڪ سندس خطائون بخش فرمائي کيس جنت ۾ جايون عطه فرمائي آمين ۽ سندس پڳدار پٽ ڄام ظھير علي خان ۽ ٻئي خاندان کي رب پاڪ ھر حوالي سان سگهھ ڏيندو ته ھو ڄام مدد علي جيان سدائين غريبن ۽ راڄ ڀاڳ لا۽ ھڪ ڇپر ڇائون رھندا.
