حيدرآباد(نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ پوليس پاران صحت کاتي جي ملازمن تي وحشياڻي تشدد، لٺبازي، شيلنگ ۽ گرفتارين خلاف گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ عبدالجبار ناريجو، غلام حسين لانگاھ، منور منگي، قمرالدين شيخ، سيد ظفر شاهه، ريشمان لانگاهه، ڀاڳ ڀري موريو، ڏوڪريءَ ۾ ڊاڪٽر سيد پريل شاھ، ڊاڪٽر امتياز علي کوکر، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي صدر نادر جوڻيجو، غلام عباس ملاڻو ضمير جتوئي، مشتاق عباسي، شهربانو مڱريو، تسلیم جوڻيجو، عابده سرگاڻي خالده ساريو اميرا سوهو عبدالحفيظ قاضي، لياقت علي، قمبر ۾ اصغر چنجڻي،علي نواز مغيري،رفيق منگي،ليڊي هيلٿ ورڪر سپروائيزر سلمي ڪورائي، ليڊي هيلٿ ورڪر سپروائيزر ڪلثوم سومرو، شڪارپور ۾ اطھر علي شاھ دل، ڊاڪٽر ظھير شمس ڀٽو، حاجي سھراب لاشاري، جي ايم ابڙو، عبدالسميع جوڻيجو، تاج ملڪ، اورنگزيب شر، ڪشميرٽانوري، رستم سومرو، تاج محمد، ۔محمد جادل، يوسف بروھي، قربان سومرو، سلميٰ نقوي، آمنه سنجراڻي، ڪنڌڪوٽ ۾ علي حسن قمبراڻي،يار علي بلوچ، نوشهروفيروز ۾ ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر , ڊاڪٽر غلام مرتضا سهتو , ڊاڪٽر يوسف نول , هدايت الله سولنگي , سعود ٻوهيو، راڻيپور ۾ اشفاق وساڻ، غلام اصغر ملاح، ڊاڪٽر نسيم شيخ، ڊاڪٽر شوڪت ميمڻ،ڊاڪٽر الهنواز وساڻ،ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ،ڊاڪٽر جنت ڀيلار،ڊاڪٽر رابيل سوڍڙو،زينب انصاري، پروين ملاح، ليلان ڄامڙو، زرينا وساڻ، ٺٽو ۾ حاجي اشرف خشڪ، عبدالڪريم ڀاند، حاجي اسد خشڪ، بابو ھدايت الله فاضلاڻي، معشوق پنھور، لياقت عباسي، منظور چانڊيو، بچل پنھور، لاھوتي گڊو خشڪ ، سجاول ۾ ڊاڪٽر عثمان سرويچ،فهيم ميمڻ، سعيد عمراڻي، منظور خواجو، سليمان منارو، سڪينہ بوبڪ، ڪڍڻ ۾ ڊاڪٽر شجاعت علي, ڊاڪٽر صنم خواجه, ڊاڪٽر فضل الاھي, ڊاڪٽر اظھرالدين، ڪوٽ غلام محمد ۾ ڪوثر پروين، حسينا، سعيده، مبين اختر، همير، سوائي مل، موهن لال، ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽر ليکراج، ڊاڪٽر سنيل ڪمار ، شهدادپور ۾ ڊاڪٽر ممتاز زرداري ڊاڪٽر تنوير راڻا اختر خالد ڌاريجو، رمضان ڇٽو، عمرڪوٽ ۾ ثاقب کوسو، ڊاڪٽر ڌرمداس، ڊاڪٽر مدن لال، ڊاڪٽر ڪنور مالهي، عصمت ڪنڀار، حاجران منگريو، تيجان ميگهواڙ، نسرين راٺوڙ، ڄام شورو ۾ ڊاڪٽر نند لعل, غلام قادر برفت، مولا بخش برفت، عبدالستار لغاري، ميڊم مارٿا، سجاد برفت، فياض راڄپر، دادوءَ ۾ راجا رفيق پنھور، امتياز چانڊيو، غياث الدين شاهاڻي، امداد عباسي، ثمينه لاشاري، گل حسن چانڊيو، روهڙيءَ ۾ ڊاڪٽر سڪندر مهر، نزاڪت بلوچ، ڊاڪٽر غلام محمد چوهاڻ، وقار شيخ، شارخ ڀٽي، آفتاب منگي، عبدالستار ميراڻي، شوڪت شنباڻي، ڊگهڙيءَ ۾ ڊاڪٽر الياس جٽ، ڊاڪٽر اعظم ،طالب حسين ڪمبوه ، ڊاڪٽر منصور ڀرڳڙي ،ڊاڪٽر ايوب ڪلوئي،دوست علي منگي محمد حسين،مير آصف ٽالپر،عبدالحڪيم کوکر،غلام مصطفيٰ، دولتپور ۾ ڊاڪٽر مدد علي رانجهاڻي ، ڊاڪٽر نور الدين سومرو ، هيلٿ ورڪر روزينہ ملاح ، سپر وائيزر صابره سلطانا ، گل ناز ملاح ، خدا بخش انڙ ۽ ٻين احتجاج ڪيو. احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان رسڪ الائونس بحال نه ڪرڻ توڙي ملازمن کي سروس اسٽرڪچر ۽ ٽائيم اسڪيل جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ خلاف گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سڄي سنڌ ۾ صحت کاتي جا ملازم او پي ڊي ۽ ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪري سراپا احتجاج بڻيل آهن جڏهن ته ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب اڳيان اسان جا مرڪزي اڳواڻ پڻ احتجاج ڪري وزيراعليٰ هائوس طرف پرامن مارچ ڪري رهيا هئا ته ڪراچي پوليس احتجاج ڪندڙ ملازمن مٿان ڪڙڪي پئي جتي لاٺي چارج ڪري ملازمن کي گهلي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد پوليس جي گاڏين ۾ کڻي گرفتار ڪيو ويو جنهن ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر محبوب نوناري، ڊاڪٽر عمر سلطان، لاڙڪاڻو پيرا ميڊيڪل اسٽاف يونٽ چانڊڪا اسپتال جو چيئرمين غلام حسين جلباڻي سميت 15 کان 20 اڳواڻ شامل آهن اسان سنڌ حڪومت جي رياستي ڏاڍ ۽ ڪراچي پوليس جي پوليس گردي واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته پرامن احتجاج ڪندڙ ملازمن تي اهڙي قسم جي ڪاروائين آمراڻي دور جي ياد تازا ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ پنهنجي حقن جي لاءِ آواز اٿاريندڙ ملازمن جي آواز کي دٻايو ويندو آهي. هنن چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جي نعري هيٺ گذريل 14 سالن کان سنڌ ۾ آهي جن شهيدن جي منشور کي تڏيندي ظالم ۽ جابر حڪمرانن کي ٿاڦي شهيدن جي روح کي رنجائي اهڙي قسم جو ڪاروائيون ڪري رهيا آهن جيڪي وڏي ناانصافي آهي. هنن پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره فضل پيچهو، ايم پي اي فريال ٽالپر سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته گرفتار صحت کاتي جي ملازمن کي آزاد ڪري سندن رسڪ الائونس جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري کين ٽائم سڪيل ۽ سروس اسٽريڪچر فورن ڏنو وڃي
