ڪوشش آهي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ٺاهه ٿي وڃي، آرمي چيف جي مقرري تي آئين مشورن جي اجازت نه ٿو ڏئي: صدر علوي

لاهور ( بيورو ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هن ڪوشش ڪئي ته ڳالهيون ٿين ۽ چونڊن جو رستو نڪري پر ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون، چونڊن جو به ڪو حل نه نڪتو، آرمي چيف جي مقرري تي آئين صلاح مشوري جي اجازت نٿو ڏئي، آرمي چيف جي مقرري تي مشاورت ٿئي ته ڪو حرج به ناهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته ادارا ڪمزور ناهن، ادارن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، معاملا بهتر ڪرڻ لاءِ جيڪي ادارا اثرائتا آهن انهن سان ڳالهيون هلي رهيون آهن ، ادارن وچ ۾ اختلاف ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهيان. صدر چيو ته ملڪ جي موجودا سياسي صورتحال ڏسي ڏک ٿئي ٿو، موجودا حالتن ۾ جيڪو ٿيندو آئين پٽاندڙ ٿيندو، آرمي چيف جي مقرري تي آئين مشاورت جي اجازت نٿو ڏئي، فوج جي سربراهه جي مقرري تي مشاورت ٿئي ته ڪو حرج به نه آهي. هن چيو ته ڪوشش ڪئي ته ڳالهيون ٿين ۽ چونڊن جو رستو نڪري اچي پر ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون، چونڊن جو به ڪو حل نه نڪتو، چونڊون تڪڙيون ٿين ته بهتر آهي، جهموري ادارن جي مضبوطي لاءِ ڳالهه ٻول ڪرڻ کپي، فيڊريشن بابت منهنجي ڪوشش آهي ته يڪجهتي هجي ۽ معاملا  خراب نه ٿين. سندس چوڻ هو ته عمران خان سان مشورو ڪري ڪم ناهيان ڪندو، عمران خان پراڻو دوست آهي، کيس ليڊر مڃيان ٿو، ڪوشش آهي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ معاملا بهتر ٿين. هن چيو ته ادارا سياسي طور استعمال ٿي رهيا آهن، نيب جي قانون جو سياسي استعمال غلط هو، جھموريت ادارن جي ڪري ئي هلندي آهي، خوشي آهي ته اسان وٽ جهموريت هلي رهي آهي، صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪنهن ملڪ، خاص ڪري وڏن ملڪن سان لاڳاپا بگاڙڻ نٿو چاهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں