ڪوٽڙيءَ ۾ ميونسپل انتظاميه پاران ڏنل شاهه پاڙي ۾ نئين ڊرينيج لائين جو ڪم شروع ٿي ويو

ڪوٽڙي ن س) ڪوٽڙي جي مهاجر ڪالوني ڏنل شاھ پاڙو عباسي پاڙي سميت ٻين علائقن جي ڊرينج جي پاڻي جي نيڪال جو عمل ڪيترن ئي سالن کان بهتر نه هجڻ ڪري اتي جا رهواسي توڙي دڪاندار سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا هئا اهڙيون شڪايتون ميونسپل ڪميٽي ڪوٽڙي انتظاميه کي پڻ ڏنيون ويون جنهن جو نوٽس ايڊمنسٽريٽر ميونپسل ڪميٽي ڪوٽڙي عمران خان گھمرو نوٽس ورتو ۽ ملڪ مين چوڪ کان وٺي ڏنل شاھ پاڙي تائين 13 پائمپن تي مشمتل نئي ڊرينج لاء جو ڪم شروع ڪيو ويو آھي جيڪو ٻن  ڏينهن اندار مڪمل ڪيو ويندو ان سلسلي ۾ رابطي ڪرڻي تي ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪميٽي ڪوٽڙي عمران خان گھمرو ٻڌايو ته ڊرينج جو پراڻو نظام هجڻ ڪري لائين زبون حال ٿي ويون هيون انڪري علائقي واسي سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا هاڻ نئي ڊريج لائين وڇائي رهيا آھيون جنهنجو ڪم پڻ۔شروع ڪيو ويو آھي جيڪو ٻن ڏينهن اندار مڪمل ڪيو ويندو هن وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجي اولين ترجيح آھي ته شهرين کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪيو وڃي جڏهن ته ميونسپل عملي کي صفائي سٿرائي جي عمل کي يقيني بڻائڻ لاء کين پابند ڪيو ويو آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں