اهم مقرري واري معاملي تي پنڊي ۽ لنڊن ۾ وڇوٽيون وڌي رهيون آهن: شاھ محمود قريشي

کاريان (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آھي ته اهم مقرري واري معاملي تي پنڊي ۽ لنڊن ۾ وڇوٽيون وڌي رهيون آهن، اهي وڇوٽيون وڌڻ تي اسان کي خوشي نه پر ڳڻتي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کاريان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته غير يقيني واري صورتحال تي سموري قوم پريشان آهي، عمران خان آئيني ۽ جمهوري رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي .شاھ محمود قريشي جو چوڻ ھو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو دورو ملتوي ٿيڻ سان ملڪي معيشت جي بهتري به رولڙي جي ور چڙهي وئي آهي، ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جو واحد حل چونڊون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں