دادو(ڊ ر) دادو شهر جي سورج آباد پاڙي ۾ سالگرھ ٿي گذري تقريب ۾ دادو، نوابشاھ، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن جي خواجه سرائي شرڪت ڪئي،تقريب ۾ دادو شهر جي رهواسين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،تقريب دوران دادو پريس ڪلب جي صدر صابر ڀنڊ،مقصود ميمڻ،جبار ميمڻ،رجب آزاد سولنگي،سرور جلال سولنگي،ڪامران ڪورائي، آصف سومرو، ديدار شيخ، محمد جمالي، سخي چارڻ،علي گل چنه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هي خواجه سرا اسان جي معاشري جو اهم حصو آهن ۽ سندس کي برابري ملڻ گهرجي جيئڻ هي پنهنجي زندگي پر سڪون ترقي سان گذاري سگهن،هنن وڌيڪ چيو ته آئين موجب سندس کي مليل آزادي اهم آهي،هي طبقو صرف عزت ۽ برابري چاهي ٿو،سندس جي تڪليف گهڻي آهي هي پنهنجا درد سور وساري ٻين کي خوشي مهيا ڪن ٿا، سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ميندي جي رسم به ادا ڪئي وئي، ريشما، فردوس،عاليه، صنم مختلف ڌنن تي رقص ڪري تقريب ۾ شريڪ ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو،رات جو 3 بجه تائين محفل هلندي رهي،جڏهن ته ٻاهران آيل خواجه سرائي دادو جي حمزو صنم فقير کي وڳن ، نوٽن جي هارن ۽ روڪ رقم جا تحفا ڏنا.
