روهڙيءَ ۾ مبينا طور ڦاهو ڏئي قتل ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو

روهڙي(ن س) گذريل ڏينهن روهڙي ويجهو جھانگڙو ٿاڻي جي حد ۾ سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ نوجوان پير ڏنو شيخ کي مبينا طور گهر اندر ڦاھو ڏئي قتل ڪيو ويو هو، نوجوان جي وارثن محمد حسن شيخ. امڙ رياستي ڀيڻ پير ڏني، ۽ وارث علي شيخ، جي اڳواڻي ۾ عورتون ٻارڙا ساڻ ڪري قرآن پاڪ ھٿن ۾ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو آهي ته نوجوان کي سھري ﷲ وڌائي شيخ، ۽ سالن قتل ڪيو آهي اھڙي واقعي جي جھانگڙو ٿاڻي تي اين سي داخل ٿيل آهي پوليس ھڪ جوابدار تاجو شيخ کي گرفتار ڪري لين دين بعد آزاد ڪري ڇڏيو آهي مظاهرين چيو ته جھانگڙو پوليس جوابدارن جي گرفتاري ۾ ڪو به تعاون نٿي ڪري ھنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ جھانگڙو پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو خدڪشي جو آهي يا قتل ٿيو آهي ان بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، وارثن بغير پوسٽ مارٽم جي لاش دفنائي ڇڏيو آهي وارثن جي چوڻ تي ھڪ جوابدار گرفتار ٿيل آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں