سنڌ لاءِ موجود خطره ۽ سنڌي نوجوان جو ڪردار!

غفار ميرجت
هي منهنجو آرٽيڪل لکڻ جو مقصد سنڌي نوجوانن جو ضمير جاڳائڻ آھي، سنڌ سنڌي قوم جو تاريخي وطن آھي ان ڳالھ کان ڪو به انڪار نٿو ڪري. سنڌي تاريخي طور خوشحال قوم رهي آھي ان ڳالھ کان به ڪو انڪار نٿو ڪري سگهي. انگريزن 1837۾ جڏھن سنڌ تي قبضو ڪيو ته ان وقت سنڌ آزاد وطن هيو جنهن تي ٽالپرن جي حڪومت هئي انگريزن حملو ڪري سنڌ تي قبضو ڪري ورتو ان وقت سنڌ قومي لڙھي ۾ پويل نه هئي بلڪ راڄن. ذاتين ۾ ورهايل هئي ۽ راڄن ذاتين جون حڪومتون هونديون هيو. ڪافي عرصو اڳ سومرن جي حڪومت هئي. وري سمن جو حڪومتي دور آيو، ڪلهوڙن جو دور آيو چوڻ جو مطلب ته اڳ ذاتين ۽ راڄن جون حڪومتون هونديون. راجا ڏاهر جي حڪومتي دور ۾ به ڪافي ذاتيون راجا ڏاهر کان ناراض هيون. ان ڪري ئي محمد بن قاسم کي جنگ ۾ فتح ملي ۽ سنڌ تي قابض ٿيو ايئن ٽالپرن جي حڪومتي دور ۾ به ڪجھ ذاتيون هيون جن کي انگريزن جاگيرون ۽ لقب ڏيڻ جي پڪ ڏني ان ڪري انهن ذاتين جي سردارن ٽالپرن جو جنگ ۾ ساٿ نه ڏنو ۽ انگريز قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا اڳ ماڻھون ذاتين راڄن ۾ ورهايل هوندا هيا ڪجھ ٻهراڙين جا ماڻھو اڄ به ذات کي قوم ڪوٺيندا آھن.پر سائين جي ايم سيد واحد سياستدان هيو جنهن جديد قوم پرستي جا بنياد وڌا ۽ جنهن چيو ته سنڌي هڪ قوم آھن ۽ سنڌ اسان سنڌين جو تاريخي وطن آھي اسان سڀ سنڌي هن وطن جا وارث آھيون،مطلب ته سائين جي ايم سيد سنڌين کي وسريل وطن ياد ڏياريو ۽ سنڌي ڪلچر جهڙو بهترين ڪتاب لکي اهو احساس پيدا ڪيو اسان سنڌي هڪ جي قومي ٻولي سنڌي آھي ۽ هڪ ئي ڪلچر آھي، ان جو نتيجو اهو آھي ته اڄ سنڌ ۾ ذات پرستي ۽ راڄ پرستي واري ڳالھ کي ماڻھو اهميت نٿا ڏين جنهن ڪري قبيلائي جهيڙا اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي نه پيا ٿين هاڻ ڪاٿي ڪاٿي خانداني ته ڪٿي وري فردي جهيڙا ٿين ٿا، جنهن جا برا اثر اسان جي ايندڙ نسل تي پون ٿا ان ڪري نوجوانن کي اڳتي اچوڻ پوندو.
هن وقت سنڌ انتهائي ڏکئي دور مان گذري رهي آھي هن وقت ظاهري طور سنڌ مٿان ڪنهن ڌارين جي حڪومت ناهي پر جيڪي سنڌ تي حڪمران آھن اهي ڌارين جا سهولتڪار بڻيل آھن ان ڪري سنڌي تيزي سان پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن. اها صورتحال پنجابي قوم سان ناهي اها صورتحال خيبر پختونخواه جي پختون قوم سان ناهي پر اها صورتحال ھن ملڪ اندر سنڌين ۽ بلوچن قوم لاءِ آھي وڏي ڳالھ اها آھي ته سنڌ ۾ هڪڙا ته ڌاريا اهي آھن جيڪي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهسميت ملڪ جي مختلف علائقن مان آيا آھن پر ٻيا اهي ڌاريا آھن جي غيرملڪي آھن، ۽ اهي اڪثر غيرقانوني طور تي ترسيل آھن سنڌ دنيا جو هن وقت شايد واحد خطو آھي جتي غيرقانوني طور ترسيل ڌاريا رهائشي ڪالونيون جوڙي ويٺل آھن ۽ انهن کي گئس،بجلي،پاڻي ،اسڪول،اسپتالن ۽ روزگاري زريعا معيا ڪيا ويا آھن، اهي سڀ سهولتون ڌرتي ڌڻين جي وسندين ۾ ناهن هن وقت ڪراچي جيڪو سنڌ جو ڪيپيٽل آھي اتي اهي غيرملڪي ڪاروبار کان وٺي نوڪرين ۽ سياست تي به اثر انداز آھن،جيڪي غيرملڪي غيرقانوني طور ترسيل آھن اهي حڪمرانن جي سپورٽ جي ڪري شناختي ڪارڊ ٺهرائي، ڪائونسلر .چيئرمين ، ايم پي اي، ايم اين اي،سينيٽر، آساني سان چونڊي وڃن ٿا ۽ ٻين ڌارين کي به آڻي آباد ڪن پيا، ان ڌارين جي سپورٽ اسلام آباد جي اقتدار تي ويٺل حڪومت ڪندي آھي اها حڪومت شھباز شريف،بلاول زرداري ۽ فضل رحمان جي هجي يا عمران خان جي هجي پر انهن ڪڏھن به سنڌ جي بهتر لاء ڪو فيصلو نه ڪيو آھي انهن سنڌي قوم کي اقليت کان بچڻ لا ڪي قدم ناهن کنيا. پر افسوس ان ڳالھ جو آھي ته پوءِ به سنڌي ماڻھن جي اڪثريت ان سنڌ دشمن پارٽين اندر شامل آھي خاص ڪري نوجوان جن کي پنهنجي وطن جي وارثي ڪري قومي حقن لاء ڪردار ادا ڪرڻ کپي، اهي نوجوان سياسي مسعلن کان لاتعلق بڻيل آھن، جن کي مسقبل جو معمار سمجهو ويندو آھي. اهو نوجوان. صرف ۽ صرف نوڪري لاء سوچي ٿو مال ملڪيت لاء سوچي ٿو پر وطن ۽ قوم کي ڪهڙيون مشڪلاتون درپيش آھن نوجوان ان کان لاتعلق بڻيل آھي، ان جوانن کي اهو سمجھڻ گهرجي ته وطن هوندو ته مال ملڪيت به ٺھندي ۽ محفوظ رهندي نوڪري به ملي سگهندي هن وقت ڌاريا تيزي سان اسان جي زمين تي ولار ڪري رهيا آھن وڏيون ميگا رهائشي اسڪيمون جوڙي رهيا آھن اتي سڀ جو سڀ ڌاريو آباد ٿيندو، اڳتي هلي ڌرتي ڌڻين لاء مسعلا پيدا ٿيندا، مثال هن وقت بحريه ۽ ڊي ايڇ اي سٽي کي پاڻي ڪينجهر ڍنڍ مان ڪي 4 منصوبي زريعي ڏنو پيو وڃي اها ڪينجهر ڌنڍ جيڪا ٺٽي ۽ سجاول ضلعي جو جياپو آھي اڳتي هلي اتي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ٿيندي، زرعات تباه ٿيندي، زرخيز زمينون بنجر ٿينديون.
ڪراچي کان وٺي ڄامشوري تائين ٻيلا ۽ جبل ڪٽي پٽ ڪيا ويا آھن، مقامي ڳوٺ مسمار ڪيا پيا وڃن، تاريخي ورثا ميساريا پيا وڃن قبرستانن کي بلڊوز ڪيو پيو وڃي،ان سڄي تباهي کي منهن اسان سڀني کي ڏيڻو پوندو سنڌي نوجوانن کي ڏيڻو پوندو پوءِ اهي ڪهڙي شعبي جي اعلىٰ عهدي تي ويٺل هجن يا زرعات سان وابسطه هجن يا ڪنهن سياسي ۽ مذهبي ڌر سان لاڳياپيل هجن پر ڏکيائون انهن لاء پيدا ٿينديون، ڪوهستان ۾ رهندڙ مقامي ماڻھن جي زمينن جا کات تبديل ڪري ڌارين کي ڏنا پيا وڃن سڀاڻي کان پوء اهي مقامي ماڻھو ڪاڏي ويندا، هڪڙو اوهان کي اکين ڏٺو مثال ڏيان ڪراچي معمار ۽ سرجاني وارو علائقو جتي اڪثر زمينون بروهين،گبولن. جوکين جون هيون انهن مقامي ماڻھن اڪثر پنهنجون زمينون ڌارين کي وکڻي ڏنيون ۽ اهو پئسا جڏھن کائي کپائي ويا ته وري ان ڌارين ڏي ويا ته اسان کي ملازم ڪري رکو، ڪافي اهي مقامي ماڻهو اتي جڙيل رهائشي سوسائٽين ۾ چوڪيدار ڏٺا جيڪي سوسائٽيون سندن زمين تي جڙيل هيون ۽ هنن ڀڳڙن مٽ تي اهي زمينون انهن ڌارين کي وڪڻي ڏنيون هيون هاڻ پاڻ کي اتي 80گز جي پلاٽ خريد ڪرڻ جيتري به وسيعت نه اٿن اها حالت گڏاپ ،ملير ،ڪياماڙي ۽ منگهو پير واري مقامي ماڻھن سان به آھي ان ڪري اسان کي سنجيده ٿي سوچڻو پوندو، اسان کي ڌرتي بچائڻ لاء گڏيل حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، جيڪي اڄ جا حڪمران آھن انهن جو ڌرتي وڪڻڻ ۽ ڌارين کي اسان جي زمين تي آباد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آھي، انهن جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي، انهن جي رستا روڪ ڪرڻ جو واحد حل سياست آھي، سياست زريعي قومي آزادي خودمختياري آجپي لاء اسان کي مقابلو ڪري ان غدارن کي شڪست ڏئي اسيمبلي کان وٺي ننڊي وڏي فورم تي پاڻ کي پنهنجي وطن ۽ قومي جي وارثي ڪرڻي پوندي، جيڪڏھن ايئن نه ڪيوسين ته سنڌ ڌرتي ڌڻين لاء ٻيو فلسطين هوندو، روهانگا هوندو جتي روزاني بيدردي سان ماريا وينداسين سنڌي قوم جي نسل ڪشي ڪئي ويندي، موجوده اقتدار ۾ ويٺل ڪا به ڌر سنڌ جي خيرخواه ناهي، اها پيپلزپارٽي هجي، نواز ليگ هجي، يا پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ھجي ان جو ثبوت اهو آھي ته بحريه ٽائون ڊي ايڇ اي سٽي سيف سٽي جي زمين سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ڌارين کي سستي مهل ۾ وڪڻي ڏني اتي اڪثر ڌاريا آباد پيا ٿين سهراب ڳوٺ ، منگهو پير، ڪياماڙي ، گڏاپ ملير ۾ جتي به ڌاريا رهن ٿا اتي سهولتون سنڌ سرڪاري پئي معيا ڪري سنڌ ۾ ان ڌارين کي آباد سنڌ سرڪار پئي ڪري گهٽ ۾ گهٽ پيپلزپارٽي ۾ جيڪي نوجوان شامل آھن انهن کي سوچڻ گهرجي، اسان وٽ ڌرتي ۽ قوم کان وڌيڪ ڪا به پارٽي نه هجڻ گهرجي جيڪا پارٽي اسان جو وطن وڪڻي شھر اسان کان کسرائي پوءِ به اگر سنڌي نوجوان ان پارٽي ۾ شامل هجن ته پوءِ اڄ ۽ سڀاڻي ٿيندڙ نقصان جا زميوار اهي نوجوان هوندا جيڪي اڄ ڌرتي ۽ قوم جي بهتري بجاءِ ننڍڙي ذاتي مفادن خاطر سنڌ دشمن پارٽين جو حصو بڻيل آھن، اهي پارٽيون مذهب جي نالي تي سياست ڪنديون هجن يا ڪنهن ٻئي نالي تي ڪنديون هجن، هن وقت ڪجھ سنڌ جا نوجوان پي ٽي آء جا راڳ آلاپي رهيا آھن انهن کي به سوچڻ گهرجي تي جڏھن اسلام آباد ۾ عمران خان جي حڪومت هئي ته ان دور ۾ اسان جو سمنڊ اسان کان کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ٻيٽ وڪڻڻ لاء ھوڪا پئي ڏنا، افغانين کي طاقتور ڪيو ويو، نواز ليگ سنڌ کان سڌي طرح ڪٽيل آھي ان جي سوچ ۾ ته ڄڻ سنڌ هن ملڪ جو حصوئي ناهي نواز ليگ حڪومتي دور ۾ پنجاب ۾ غيرقانوني ڊيم ٺاهي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويندو آھي اسان جا وسيلا تيل ،گيس، ڪوئلو. هر حڪومتي دور ۾ کنيو ويندو آھي ان ڪري اسان جي نوجوانن کي ان وسيلن جي وارثي لاء اڳتي اچي ان سنڌ دشمن پارٽين کان کان لاتعلقي ڪرڻ پوندي ،ڀلي اهي سياسي پسارٽيون هجن يا مذهبي پارٽيون هجن جيئن هنن اسان جي خوشحالي کان لاتعلقي ڪئي آھي جيئن هنن اسان جي قومي بقا کان لاتعلقي ڪئي آھي ايئن کان کي به هنن کان لاتعلقي ڪرڻ کپي اسان کي ان سياست جو حصو ٿيڻو پوندو، جنهن ۾ سنڌ وطن جو تحفظ سنڌي قوم جي خوشحالي هجي اسان ايندڙ بهتري جو پروگرام هجي.
ghaffarmirjat441@gmail.com

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں