ڊگھڙي (ن س) ڊگھڙي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو سنڌ جي صدر زبير احمد جتوئي صوبائي جنرل سيڪريٽري رحيم بخش کوسو سينئير نائب صدر محبوب سيال، پ پ پ شھيد ڀٽو ميرپورخاص ڊويزن صدر سيد جمال شاھ،عبدالڪريم سوھو عبدالمجيد سيال چاندي خان بروھي فيروزا لاشاري،اعظم خان ڊومڪي،طاھر خان مغيري،پير يوسف جان سرھندي،غلام نبي گبول محمد علي ميرجت ،فيصل آرائين،شاھد حسين پنھور،ايڊوڪيٽ کيمچند لوھاڻو،سڪندر لنڊ،ادريس راجپوت،پنھنجي پريس بيان ۾ چيو آھي ته ڪراچي ۾ ملازمن تي تشدد لاٺي چارج ۽ گرفتارين جي شديد مذمت ڪندي چيو ته زردار ليگ پارٽي جو رويو ھميشه آمراڻو رھيو آھي ڊاڪٽرن تي صحت کاتي جي ملازمن تي تشدد جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آھي زرداري ليگ ھميشه سنڌ ۾ جھموريت جي آڙ ۾ ننگو راڄ قائم ڪيو آھي زرداري مافيا سنڌ ۾ حقن لاء آواز اٿاريندڙ ملازمن ۽ سياسي ڪارڪنن خلاف خلاف آمراڻو سلوڪ ڪيو آھي ملازمن جا مطالبا فوري طور حل ڪري گرفتار ملازمن کي آزاد ڪيو وڃي اڳواڻن چيو ته پ پ پ شھيد ڀٽو ھميشه مظلوم ماڻھن جو ساٿ ڏنو آھي ملڪ ۾ ۽ سنڌ ۾ ڪرپشن جو راڄ آھي سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن اڃان تائين دربدر آھن مختلف ضلعن مان اڃا تائين برسات جو پاڻي نه ڪڍيو ويو آھي.
