عوامي تحريڪ جي مرڪزي باڊي جي چونڊ،عهديدار چونڊيا ويا

حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي نئين چونڊيل مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ڊي ٽين پليجو ھائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جا مرڪزي عھديدار چونڊيا ويا. چونڊجي آيل مرڪزي ڪميٽي ڇھ ميمبر ٻيا کنيا جنھن ۾ گل حسن ڪيڙانو، راشد دائود پوٽو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، حق نواز نوناري ۽ ڪاشف ملاح شامل آھن. نئين چونڊيل باڊي ۾صدر: لال جروار، جنرل سيڪريٽري: نور احمد ڪاتيار، سينيئر نائب صدر: ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، نائب صدر (في ميل): حورالنساءَ پليجو، (نائب صدر(ميل): ايڊووڪيٽ ساجد حسين ميھسر، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري: ايڊووڪيٽ وسند ٿري، جوائنٽ سيڪريٽري (ميل): ستار رند، جوائنٽ سيڪريٽري (في ميل): ايڊووڪيٽ ماھ نور ملاح، خزانچي: پرويز ميمڻ، آفيس سيڪريٽري: ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ليگل ايڊوائيزر: مير بشير ٽالپر، ثقافتي سيڪريٽري: ڊاڪٽر سنڌو مڱڻھار، پريس سيڪريٽري: ڪاشف ملاح، سوشل ميڊيا سيڪريٽري: اظھار دائودپوٽو، رابطا سيڪريٽري: سرواڻ جتوئي، تعليمي سيڪريٽري: ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ميمبرن ۾ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عبدالقادر رانٽو، ڄام تماچي، ديال صحرائي، ادريس لغاري، مير پرويز دائودپوٽو، عارب ڪيڙانو، حق نواز نوناري، ايڊووڪيٽ آصف کوسو، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمنٰ مھيسر، اياز کوسو، عبدالرحمٰن سمون، عبداللھ ٻپڙ، عارب جوڻيجو، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، نور نبي پليجو، حسنا راھوجو، عمراھ سمون شامل آھن. چونڊجي آيل باڊي کي عوامي تحريڪ جي باني ڪارڪن ماما عارب ڪيڙانو حلف کڻايو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تھ عوامي تحريڪ جي چونڊجي آيل مرڪزي ڪميٽي طرفان 3 ڊسمبر تي محترم رسول بخش پليجو صاحب کي ثقافتي رنگن سان ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پليجي صاحب جي آخري آرام گاھ تي علمي، ادبي ۽ فڪري رھاڻ رکي ويندي جنھن ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪن سان گڏ اديب، دانشور، شاعر، قلماڪار، شاگرد، ھاري ۽ مزدور پڻ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا. ھن رھاڻ ۾ انقلابي شاعري ۽ گيتن سان گڏ ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں