قبوسعيدخان (رپورٽ:خادم حسين بروهي ) مون سون جي برساتن جي تباه ڪارين کان درپدر عوام اڃان به عذابن واري زندگي.گذارڻ تي مجبور برساتي ٻوڏ کان پوءِ هارين جا گهر ۽ فصل تباھ ٿي ويا . هارين کان ته سانوڻ جي مند جا فصل ته نصيب ڪونه ٿيا ۽ تيار فصل لڙهي تباھ ٿيڻ کان پوءِ هارين جي دل جون اميدون هيون ته هاڻي سانوڻ ته قدرتي برساتن ۽ ٻوڏن ڪري هٿ کان ته وايا پر انهن کي هڪ آسرو ۽ اميد جاڳيو ته ساوڻ نه ٿيو ته سرءُ جي مند جي فصل ڪڻڪ ، سرنهن ، برسيم ، وڏف، لوسڻ وغيره جي آبادي ڪنداسين ته وقت سٺو گذرندو پر افسوس جو ايريگيشن عملدارن جي لاپرواهي سبب هن وقت تائين سيف الله مگسي برانچ کي لڳل گهارا بند نه ڪيا ويا ۽ هن وقت تائين قبوسعيدخان تعلقي جي اڌ کان به وڌيڪ علائقن ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو ۽ آبادگار ۽ هارين جي هٿن کان سرءُ جي مند به وڃڻ جي تياري ۾ آهي . جڏهن ته هن وقت تائين سيف الله مگسي برانچ ۾ بلوچستان جي مختلف علائقن جو زهريلو پاڻي هلي رهيو آهي . سيف الله مگسي برانچ ۾ هلندڙ ڍنڍي پاڻي سبب قبوسعيدخان علائقي جا هاري پاڻي نه هئڻ سبب سرءُ جي پوکائي شروع نه ڪري سگهيا آهن ، جڏهن ته سيف الله مگسي برانچ ۾ هن وقت به اهڙو گدلاڻ وارو پاڻي هلي رهيو آهي جيڪڏهن ان پاڻي تي فصل جي پوکائي ڪن ٿا ته ان پاڻي سان زمينون خراب ٿي وڃن ٿيون، هڪ طرف پاڻي جي نيڪال نه ٿي سگهيو ۽ ٻئي طرف جتي زمينن کي پاڻي ڇڏيو آهي اهي آبادي لائق ٿيا آهن ته وري درياءِ پاڻي ڪونهي وڃي ته قبوسعيدخان جو عوام ڪاڏي وڃي.
