لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي حاجي غلام نبي ڪلهوڙو ڪالوني جي رهواسين بلڊر زاهد حسين عباسي جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي رهواسين شمس الدين سنديلو، اختر حسين پنهور، ڊاڪٽر حاڪم علي چانڊيو، سيد غلام مرتضيٰ شاھ، خالد جوڻيجو، ڊاڪٽر عاشق علي ڀٽي، گلشن تنيو، محمد هاشم پنهور، بشارت ڀٽو ۽ ٻين دانهيندي چيو چيو ته سال 2008ع دوران بلڊر زاهد حسين عباسي حاجي غلام نبي ڪلهوڙو ڪالوني قائم ڪئي، جيڪا 105 گهرن تي مشتمل آهي، جڏهن ته اسان جي گهرن جي نيڪال جو پاڻي گذريل 15 سالن کان ڊرينج ذريعي سم نالي ۾ هلندڙ هيو، جنهن کي ٻه مهينا اڳ بلڊر زاهد عباسي بند ڪري مٽي وجهي اتي پلاٽ وڪرو ڪري ڇڏيا آهن، گندي پاڻي جو نيڪال بند ٿيڻ سبب گهرن ۽ گهٽين ۾ پاڻي تلاءُ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن ڪري 105 گهرن جا رهواسي سخت تڪليفن سان منهن ڏئي رهيا آهن، اهڙي شڪايت بلڊر زاهد حسين عباسي کي بار بار ڪئي آهي، پر هو ڊرينج سسٽم بحال ڪرڻ بجاءِ خاموش رهڻ لاءِ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جنهن خلاف اسان ڪجھ مهينا اڳ لاڙڪاڻي مان چونڊيل ايم پي اي معظم علي عباسي کي به شڪايت ڪئي پر ان جي باوجود هو مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن سنڌ جي وڏيو زير سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بلڊر زاهد حسين عباسي خلاف ڪاروائي ڪري گندي پاڻي کي نيڪال ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
