لاڙڪاڻي ۾ مبينا کنڀي گم ڪيل پورهيت جي وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي غريب مقام پاڙي جي رهواسين لاڙڪاڻو پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل پورهيت نوجوان جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي رياض علي ملاڻو پنهنجي چاچي منظور علي ملاڻو ۽ ٻين وارثن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل رات دير سان منهنجو ڀاءُ پاڙي جي هوٽل تي ويٺل هو جتان مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس کيس کنڀي گم ڪري ڇڏيو جنهن کي حد جي مارڪيٽ سميت ٻين مختلف ٿاڻن تي ڳولا جي ڪوشش ڪئي پر ڪٿي به سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن چيو ته 5 مهينا اڳ به ساڳي ئي ٿاڻي جي پوليس ڀاءُ کي گرفتار ڪرڻ بعد ڪوڙي مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪري ڇڏيو هو جنهن مٿان مارڪيٽ ۽ بقاپور ٿاڻن تي 13 ڊي ۽ مقابلا جا ڪيس داخل ڪيا ويا جن ڪيسن هو بري ٿي چڪو جيڪو پاڙي ۾ استري ۽ سائيڪلن جو دڪان هلائي پيٽ گذر ڪندو آهي خدشو آهي ته پوليس کيس ٻيهر هاف فراءِ ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪندي جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں