اسلم ملاح / بدين
وارياسي ڀٽن جي ور وڪڙن جي وچ مان اوچتو گاڏين جي قطارن مان ٿري ڇڪڙن جا هارون ۽ لانگ جيپ جون ڀٽن تي چڙهڻ جا آواز گونجهي اٿن ٿا اهو وقت دماغ جي دري تي تري ٿو اچي اسان پنهنجي گاڏي جي پنڌ کي پچاريندا رياسين ۽ ٿر ڪڏهن ڏڪارن م ته وري ڪڏهن ساوک جا رنگ پيا نڇاور ٿيندا هئا بس اسان جي وچ ۾ ڪڏهن مور پڪارن تي ڳالهه ٻولهه ته وري ڪڏهن جدوجهد جي پٿر جو رکڻ جون خبرون پيون هلنديون هيون جدوجهد جا نوان نوان طريقا پيا ڳولهيندا هئاسين ته ٿر جي فطرتي سونهن کي ڪئين بچائجي سوروز اسان جون نيون نڪتل شيون آئڊياز انهن تي پيو بحث ٿيندو هو ڪڏهن دنيا جون ڪيل جدوجهدن کي ٿر طرف پيا کڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين هئاسين وري ڪڏهن پاڻ عملي ميدان ۾ ويهي پيا ويچاريندا هئاسين ته ڪو رستو نروار ٿئي پوءِ ٿر جي مختلف ڳوٺن طرف پڻ رُخ ڪياسين آخر موسمياتي تبديلي کي هٿي ڏياريندڙ ڪمپني جي ڪاهه تي هڪ وک وڌائي ته هنن خلاف آواز اٿارڻ سان فطرتي سونهن کي بچائي سگهجي ٿو پوءِ ماڻهن سان گڏجاڻيون شروع ڪيوسين ٿر ۾ جيترو ماڻهن کي حيسايو ويو هو ايترو ڪٿي به نه هوندو پر شاهه صاحب چيو مزو تڏهن ٿيندو جڏهن ماڻهو وڏيرن ڪمپنين ۽ مختلف ادارن جي نالن کان لنوائين ۽ پاڻ اُتي اٿي کڙا ٿيون مزو پوءِ آهي سو اسان به نه ڇڏ جو نعرو هنئيو ۽ ٿر کي وسائي ويهي رهياسين روز نه ته ٻي ڏينهن پارڪر جي پچار هوندي هئي ڪڏهن نگر ته ڪڏهن گوڙاڻو ته ڪڏهن ويجهيار ته وري ڪڏهن ٿر نبي سر پر ماڻهن جا ميلا متل هئا ڪڏهن چوندا هئا مال کائو آيا آهن ته وري ڪي اچي ڪري سائين جي جدوجهد کي سلام ڪندا هئا آخر نتيجو اهو نڪتو ته ٿر ۾ جدوجهد جو نئون مثال قائم ٿي ويو ڪيترن ئي پنهنجي وس آهر ڪوششون ورتيون پر اسان وارو انداز ئي ڪجهه ٻيو هو ته ماڻهن ۾ شعوري تربيت ڏجي جو اسان نه به هجون ته ماڻهن پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ پير پوئتي نه کڻن پوءِ ٿيو ائين پهرين گڏجاڻي صحافي دوستن سان ٿي انهن ٻڌايو ته ماڻهن اڃان پريس ڪلب به سهي نموني سان ناهي ڏٺي جڏهن ڪو هڪڙو ڪو ماڻهون ڪمپني خلاف آواز اٿاري ٿو ته ان کي ڌٻايو ٿو وڃي ٿر جي متاثرين چوندا هئا ته اسان کي پوليس به نٿي مڃي هڪ تپيدار خبر ناهي ڪيترن ماڻهن تي ايف آءِ آر ڪٽرايو ڇڏي ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي جيڪو به ڪالم يا شاعري ٿو لکي ٻي ڏينهن مٿس ڪيترا ڪيس مسڪين مري ويو ٻيو ته وس هلي نٿو پوءِ شاهه صاحب چيو پنهنجن پيرن تي پڪا ٿي وڃجا باقي اڳيان آئون هوندس پوءِ شاهه صاحب پنهنجي اڳواڻي ۾ واڳون سنڀاليون ۽ ٿر جي فطرت کي بچائڻ لاءِ دنيا سان رابطن جي ڪڙي جڙي وئي بس اسان جو آواز ايوانن جا ڪن ٻوڙا ڪندو رهيو ٿر جا ماڻهون پڻ پنهنجي وک شاهه صاحب جي وک سان ملائيندا رهيا آخر ٿيو ائين جو ٿر جي متاثرين سان گڏجي ٿر سماجي تحريڪ بنياد رکيو جنهن ۾ ٿر جا ماڻهو منظم طريقي سان وڌڻ لڳا اسان جو نه پهچڻ ٿيندو هو ته تڏهن به ٿر جا شعور رکندڙ ساٿي اڳيان اڳيان رهيا مختلف ملڪن کي خطن ذريعي پڻ ٿر جي مسئلن کان اگهائي ڏني پئي ويندي هئي شاهه صاحب کي ڪنهن به ڪنڊ مان ڪال ايندي هئي شاهه صاحب چوندو اسلم پهچ پوءِ بس اسان جو ته بيگ اڳ ئي تيار هوندو بس حڪم ٿئي ته سپاهي سفر تي نڪري سو وقت ڪجهه ائين ٻين کي خوشيون ڏيندي ۽ اسان کي گهاءُ ڏيندو رهيو پر اسان سرد راتين کي نه سمجهيو ۽ گرمي جا گس به اسان کي نه روڪي سگهيا ائين ئي مس وڃي جدوجهد جي جهنڊي ڦڙڪي ته شاهه اسان کان ڪرونا جي وبا جي ڪري وڇڙي ويو پوءِ هڪڙي يار جي جدائي ٻيو يار جو ڇڏيل ڪم ننڊ ڪٿي ڏي پر شاهه جا لفظ ياد آهن چوندو هو اسان وقت جي ويرين جي منهن ۾ آهيون ڪنهن وقت دم پرواز ٿي سگهي ٿو پر اسان جو لڳايل نعرو هڪ ڏينهن ساڀيان بڻجندو سو انهي ساڀيان جي سج جي روشني جو واس وٺڻ لاءِ وري پير پڪا ڪيا پر لطيف جي چوڻي
مونکي چاڙهي چيهه وڻجهارو ويو
سو درد ڪٿي ٿا نبرن روز ڪو نه ڪو گهاءُ گهائي ٿو وجهي پر ٿر سان دل لڳي جو ناٿو شاهه جون يادون آهن منزل طرف وک آهي هڪ ڏينهن فطرتي سونهن جا مالڪ جاڳي پوندا ۽ پنهنجي ديس جي وارثي ڪندا اسان به ڪنهن راهه ويندڙ مسافر جيان ڪٿي ماريا نه وڃون پر رُڃ مان رڙ ايندي پئي سائين محمد علي شاهه جو ورد ڳائبو پيو صدين تائين سندس ڪيل جدوجهد ياد رهندي ماڻهو ايندا ۽ ويندا پيا پر هو نه وسرندڙ شخص هو جيڪو ٿر جي فطرتي سونهن جو درد کڻي وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليو دعا آهي رب پاڪ اعلي مقام عطا فرمائي!
