ملير(ڊ.ر) پاڪستان پيپلز پارٽي پي ايس 90 ملير پاران پاڪ فوج زنده آباد، پاڪستان پائنده آباد ريلي ڪڍي وئي، ريلي ڀينس ڪالوني کان شاهه لطيف ٽائون تائين سٽي ايريا جي صدر سردار اختر يوسف عارفاڻي، رستم علي هنگورو، راڻا محمد پرويز جي اڳواڻي ۾ڀينس ڪالوني موڙ تائين ڪڍي وئي ريلي ۾ سوين ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن ۽ شھرين پاران پاڪ فوج جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي ۽ پاڪ فوج جي خلاف ڳالهائيندڙن کي ملڪ دشمن قرار ڏيندي سندن خلاف نعريبازي ڪئي، ريلي کي خطاب ڪندي سٽي ايريا جي صدر سردار اختر يوسف عارفاڻي، رستم علي هنگورو ۽ ٻين چيو ته پاڪ فوج ملڪ لاءِ تمام گهڻيون ۽ لازوال قربانيون ڏنيون آهن، پاڪ فوج ملڪ جي محافظ آھي جنهن تي اسان کي فخر آهي اسين پاڪ فوج سان گڏ آھيون،اڳواڻن چيو ته پاڪ فوج خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪندڙ ملڪ دشمنن جا ايجنٽ آھن، جيڪي پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن پاڪ فوج سان ملڪ جو هر شهري بي انتها محبت ۽ انڌو اعتماد ڪري ٿو اڄ اسين آزاد وطن ۾ پاڪ فوج جي قربانين جي بدولت آزاد فضا ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، هنن چيو ته پاڪ فوج جي لازوال قربانين جي ڪري ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ٿيو آھي، پاڪ فوج جا جوان سرحدن جي حفاظت لاء پنهنجا ٻچا ۽ مٽ مائٽ ڇڏي سرحدن تي سخت گرمي ۽ سياري ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏين ٿا ۽ ملڪ حفاظت ڪري رهيا آھن، اسانکي پاڪ فوج تي فخر آھي، اسين ڪنهن به صورت پاڪ فوج خلاف ڪابه ڳالهه برداشت نه ڪنداسين، اسين پاڪ فوج لاء ھر قرباني ڏيڻ لاء تيار آھيون،پاڪ فوج سان ملڪ جي سلامتي آهي.
