لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته منهنجي مستقبل جي منصوبن ۾ پاڪ فوج تعميري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. برطانوي اخبارسان ڳالهيون ڪندي ۽ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سائفر بيان کي ماضي جو حصو قرار ڏيندي چيو ته منهنجي خيال ۾ سازش جو بيان گذري چڪو هاڻ اهو پوئتي رهجي ويو. مان هاڻ آمريڪا مٿان الزام ناهيان هڻندو. واشنگٽن سان بهتر لاڳاپا چاهيان ٿو. عمران خان چيو ته ٻيهر وزيراعظم بڻيس ته آمريڪا سان سٺا لاڳاپا چاهيندس. يوڪرين تي روسي حملي کان هڪ ڏينهن اڳ ماسڪو جو دورو وڏي غلطي هئي. اڳوڻي وزيراعظم هڪ دفعو ٻيهر چيو ته اهڙي پاڪستان جي قيادت چاهيندس جنهن جا سڀني سان خاص ڪري آمريڪا سان سٺا لاڳاپا هجن. آمريڪا سان آقا غلام جي تعلق ۾ آمريڪا کي نه پر پنهنجي حڪومتن کي قصوروار مڃان ٿو. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته منهنجي مستقبل جي منصوبن ۾ پاڪ فوج تعميري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. طاقت ٻئي طرف هجي ته چونڊيل حڪومتي عوامي اميدن تي پورو نٿي لهي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته نئين آرمي چيف جي مقرري ميرٽ تي چاهيان ٿو. مان هينڊلرز کي چيو هو ته سياسي غلطي نه ڪريو. مسئلو لنڊن ۾ ڦاٿل آهي، لنڊن ۾ هڪ سزا يافته ڀوتار بيٺو آهي ۽ فيصلو ڪري رهيو آهي ڇو ته هو اليڪشن هارائي، ان ڪري چونڊون نه ڪرايون وڃن.
