نوابشاهه (ڊ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاهه پاران نئين ٽهي جي شاعر اسير ڏاهري جي ٻئي شعري ڪتاب ”نرالا نوان نينهن“ جي مهورتي تقريب ٽي آر سي سينٽر نوابشاهه ۾ ٿي گذري انهي موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي سنڌ جي ڏاهي محقق، اديب ۽ شاعر تاج جويو چيو ته انهي شاعري جي ڪا به ڄمار ۽ اهميت نه هوندي آهي جنهن شاعري ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻهن جو درد ۽ خوشبو نه هوندي آهي ڀٽائي کي مغربي محققن انهي ڪري دنيا جو عظيم شاعر قرار ڏنو ڇاڪاڻ ته هو روايتن جو باغي ۽ جدد جو المبردار هئڻ سان گڏ هڪ آرٽسٽ ۽ گهڻ پڙهيو شاعر هُيو اسير ڏاهري جي شاعري کي پنهنجو مقام ماڻڻ ۾ وقت ضررو لڳندو پر سندس مستقل مزاجي ٻولي جي سچائي ۽ سادگي اهو ثابت ڪري ٿي ته هو پنهنجي روح ۾ هڪ شاعر آهي خاص مهمان سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل انقلاب ۽ رومانس جي دل آويز شاعر احمد سولنگي چيو ته اسير ڏاهري جا ڪي خيال ۽ شعر ساهه ۾ ساڍڻ جهڙا آهن پر هاڻ هن ٻه ڪتاب تخليق ڪيا آهن ان ڪري کيس ادبي تنقيد نه صرف ٻڌڻي ۽ سهڻي پوندي پر ان مان پرائڻو به پوندو ڇاڪاڻ ته سندس شاعري ۾ ڪافي جهول آهن، صاحب ڪتاب اسير ڏاهري سنگت نوابشاهه ۽ آيل سمورن شاعرن اديبن جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجو نڪور غزل پڙهيو نوجوان شاعر اديب ۽ صحافي فياض چنڊ ڪليري چيو ته اسان جي ادبي حلقي ۾ اهو وڏو مرض آهي ته اسان ڪنهن شاعر کي عظمتن جي ستين آسمان تي پهچائي ڇڏيندا آهيون يا انهي کي صفا تنقيد جي اڏي تي قتل ڪري ڇڏيندا آهيون نقاد تي اهو فرض آهي ته هو ڪنهن به شاعر جي خيال سان انصاف ڪري ۽ ان شاعر مان حد کان وڌيڪ توقعات نه رکڻ گهرجن اسير ڏاهري کي پنهنجو اسلوب جوڙڻ ۾ اڃان وقت لڳندو. وسيم سومرو، منور سراج، الله بخش امين زرداري، نور چاڪراڻي، بخشل باغي، اسد چاچڙ، خالد راڄپر، امداد رند، ستار سندر ۽ ٻين چيو ته اسير ڏاهري هڪ معصوم دل رکندڙ محبتي انسان ۽ سادي سلوڻي ٻولي ۾ شاعري سرجيندڙ شاعر آهي هو جيڪڏهن پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جو دامن خشادو ڪندو ته مستقبل ۾ پنهنجي جاءِ ضرور جوڙيندو تقريب ۾ غني رند، احمد بلال، الله بخش امين زرداري ۽ ٻين خوبصورت گيت ۽ غزل ڳائي واهه واهه ڪرائي جڏهن ته مهورتي تقريب ۾ سيد انوار انجم نقوي، بادل لرا، علي نواز ڏاهري، غلام سرور خاصخيلي، جهانگير ڏاهري، ايس يو پي جي ضلعي صدر مجيب ماڇي ۽ سنڌ جي مختلف شهرن مان اديبن ۽ شاعرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
