ڄامشورو(ڊ ر)ڄامشورو ڀرسان نوري آباد ۾ سياسي سماجي ڌرين طرفان منشيات جي آزار وڌندڙ بدامني مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملڻ ۽نوري آباد ۽ ٿاڻوبولاخان پوليس جي زيادتين خلاف نوري آباد مين چوڪ کان احتجاجي مارچ ڪري نوري آباد پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي ته احتجاج ڪندڙ سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻ خدابخش وڪيجو,شير علي پالاري, ڊاڪٽر علي دوست پالاري, موندر خان باريجو, خالد ڏيٿو ۽ ٻين جو چوڻ هو سياسي بنيادن تي ايس ايڇ اوز نوري آباد ۽ ايس ايڇ او ٿاڻوبولاخان ڪوهستان واسين لاءۡ ڌرتي تنگ ڪري ڏني ڪوهستان جي غريب ماروئڙن ماڻهن مٿان هرروز ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ٿا وڃن هي ڪٿان جو انصاف آهي هنن چيو نوري آباد ۽ ڪوهستان ۾ پوليس معرفت منشيات سرعام ويڪرو ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري امن واري ڌرتي ڪوهستان ۾ بدامني وڌي وئي آهي هرروز ڪيتريون چوريون ٿين ٿيون پوليس ڪوهستان واسين مٿان بيگناه ڪوڙا ڪيس جيل اماڻيو ٿو وڃي
