ڪراچي (پ ر) وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ ۽ سنڌ سجاڳي فورم پاران کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن سائين ايوب ڪانڌڙي، انصاف دايي، مرتضيٰ جوڻيجي، پٺاڻ خان زھراڻي، ڪاشف ٽڳڙ، سھيل رضا ڀٽي، فقير اعجاز ڳاھي، اللہ وڌائي مھر، ڊاڪٽر فتح محمد کوسي، صحبت کوسي، ظفر چانڊيي، سرويچ نوحاڻي، شبير قمبراڻي، امداد شاھ، اياز لطيف شر، منير ابڙي ۽ تازو کنڀي گم ڪيل مجيب چولياڻي، احمد ڦلپوٽي، مجاھد بليدي، راجا ديناري، عزيز قمبراڻي، شڪيل سومري، جئہ ڪشن اوڏ، رستم شر، عاقب چانڊيي، غفار مرکنڊ، عاشق سولنگي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ واڙيل قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ وي ايم پي جي مرڪزي ڪنوينر سورٺ لوھار، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي اڳواڻن، سارنگ جويي، ۽ سھڻي جويو ۽ کنڀي گم ڪيل انصاف دايي جي ڀينرن اقصيٰ دايو ۽ افسانا دايو، ايوب ڪانڌڙي جي ڌيءَ مارئي ڪانڌڙو ۽ پُٽ شاھد ڪانڌڙي، مرتضيٰ جوڻيجي جي امڙ شھزادي ۽ ڌيءَ پارس ۽ پٺاڻ خان زھراڻيءَ جي گھرواري شبيران ۽ پُٽ عرفان زھراڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو اڄ احتجاجي ڪئمپ کي 24 ڪلاڪ مڪمل ٿي ويا. ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي وارثن، ۽ قومي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي سياسي ۽ قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي جسقم جي چيئرمين اسلم خيرپوري، وائيس چيئرمين اشرف بھليم، ماليات سيڪريٽري غازي خان جکراڻي، سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ زاھد کوسي، سينيئر ساٿي لطيف ميمڻ، عائشہ سرگاڻي، مريم سنڌي، جيئي سنڌ قومي پارٽي ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻن شاھد سومري ۽ فراز سنڌي، ايس يو پي ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ عبدالرزاق شر، ڪامريڊ مرڪ سنڌي، سينيئر قومي ساٿي ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور، جساف اڳواڻ نجيب سنڌي، سينيئر ايڊووڪيٽ خليل انصاري، سنڌ سڀا اڳواڻ انعام عباسي، زاھد بلوچ، ايڊووڪيٽ سجاد علي ۽ وڏي انگ ۾ قومي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ، ”جبري گمشدگيون انساني حقن، سياسي ۽ سماجي حقن ۽ انساني آزاديءَ ھي سنگين لتاڙ آھي، ھو ھر ايندڙ ڏينھن مٿين قانونن جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا پر ھتان جون عدالتون بہ انھن خلاف ڪو ايڪشن کڻڻ کان قاصر آھن، ۽ اسان سمجھون ٿا تہ اسان جا کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن، شاگرد ۽ پورھيت بيگناھ آھن، انھن کي ھڪدم آزاد ڪيو وڃي، پر جيڪڏھن اوھان جا ادارا سمجھن ٿا تہ انھن ڪو ڏوھ ڪيو آھي تہ پنھنجي ڪورٽن آڏو اھي ڏوھ ھڻي ھنن کي پيش ڪيو نہ تہ ھي جمھوريت جو ڪوڙو ڊرامو ھاڻي بند ٿيڻ گھرجي.
