پي ٽي آءِ حڪومت چئن سالن ۾ ڊالر کي آزاد ڇڏي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو: اسحاق ڊار

دبئي ( م ڊ ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڊالر کي آزاد ڇڏي ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو . مسلم ليگ ن جي تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار اڳوڻي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته چئن سالن ۾ معيشت تباهه ڪئي وئي،. پاڪستان سنگاپور بدران سريلنڪا بڻجڻ جي ويجهو پهچي ويو هو. اسحاق ڊار چيوته رياست بچائڻ لاءِ حڪومت جي تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو، عوام کي رليف ڏيڻ سان گڏوگڏ فيول جي اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڊالر کي آزاد ڇڏي ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو، ڊالر جا اگهه وڌڻ سان ملڪي قرضن ۾ 4000 ارب رُپين جو اضافو ٿيو ، ڊالر ۽ رپئي جي مُلهه ۾ توازن پيدا ڪنداسين، ڊالر کي ٻه سئو رُپين کان گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته شهباز شريف معيشت کي ٻيهر پيرن تي بيهارڻ لاءِ معاشي سڌارن تي عمل ڪري رهيو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام پورو ڪنداسين، موجودا مالي سال 32 کان 34 ارب ڊالرز جي ضرورت آهي، اميد آهي ته اها رقم جمع ڪري وٺنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں