ڄامشورو ۾ ميڊيڪل ۾ داخلا لاءِ پري انٽري ٽيسٽ ورتي وئي

ڄامشورو( ڊ ر) سنڌ جي 7 سرڪاري ۽ 11 غير سرڪاري ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس جي سيٽن تي داخلا پري انٽري ٽيسٽ ورتي وئي ان سلسلي ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ اڄ  ٿيندڙ ٽيسٽنگ واري سينٽر تي 7880 عورت اميدوارن سوڌو 15408 اميدوار پري انٽري ٽيسٽ ۾ شريڪ ٿيا. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميا موجب لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ايم بي بي ايس جي 359 سيٽن، بي ڊي ايس جي 100 سيٽن ۽ بلاول ميڊيڪل ڪاليج بوائز جي 100 سيٽن تي داخلا لاءِ  13 ضلعن جي اميدوارن حصو ورتو، جن ۾ حيدرآباد، ٿرپارڪر، سانگهڙ، عمرڪوٽ، حيدرآباد، ڄامشورو،مٽياري، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان،  ميرپور خاص، سجاول، شهيد بينظير آباد ۽ ٺٽو شامل آهن. ٽيسٽ صبح جو ساڍي 11 کان شروع ٿي ۽ اڍائي وڳي ختم ٿي. ان موقعي تي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر اڪرام الدين اڄڻ، ڊاڪٽر سروپ ڀاٽيا ۽ ٻين سينٽر جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو،  ان موقعي تي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لمس يونيورسٽي ۾ ٿيل پري انٽري ٽيسٽ ۾ پوري صوبي مان 15804 اميدوار شريڪ ٿيا، جن ۾ 7528 ڇوڪرا ۽ 7880 ڇوڪريون شامل هيون. جن جا نتيجا اميدوارن کي فوري طور تي جوابي ڪاپي ڏني وئي آهي، جڏهن ته نتيجا اڄ شام تائين نتيجا اچڻ شروع ٿي ويندا ۽ ٽن ڏينهن بعد پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويندا. جنهن کان پوءِ ميرٽ جوڙي ويندي، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ سنڌ جي تعليمي بورڊ جي چيئرمينن کي اپيل ڪئي ته هو انٽر جا نتيجا جاري ڪيا وڃن ته جيئن ميڊيڪل ۾ داخلا لاءِ ٻارن کي سهولت ملي سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں