آرمي چيف جي مقرري تي نوازشريف سان صلاح مشورا قانون جي ڀڃڪڙي آهي: عمران خان

لاهور (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اهم مقرري تي نوازشريف سان صلاح مشورا ڪرڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي. منڊي بهاءُالدين ۽ جڙانوالا ۾ تحريڪ انصاف جي مارچ کي خطاب دوران عمران خان چيو ته دنيا جي سمورن خوشحال ملڪن ۾ قانون جي حڪمراني آهي. ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني هوندي ته ملڪ خوشحال هوندو. اسان جي جدوجهد انصاف جي لاءِ آهي. اسان هن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني چاهيون ٿا. ان سان صرف خوشحالي نه ايندي پر اها قوم کي آزاد به ڪندي. عمران خان چيو ته اڳوڻو وزيراعظم به پنهنجي مرضي جي ايف آءِ آر داخل نه ڪرائي سگهيو. منهنجي مٿان قاتلاڻو حملو ٿيو، مون کي خبر آهي ته ان ۾ ڪير ملوث آهي، ٿي سگهي ٿوجاچ ۾ اهي ماڻهو نه نڪرن. آئين مون کي اهو حق ڏئي ٿو ته مان انهن جي نشاندهي ڪريان ۽ شفاف چونڊون ٿين، پوليس به اسان جي آهي پر انهن به منهنجي ڳالهه نه ٻڌي پر طاقتور ماڻهن جي ڳالهه ٻڌي وئي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پرڏيهه ۾ هڪ ڪروڙ پاڪستاني آباد آهن. انهن جي سالياني آمدني پاڪستان ۾ موجود 22 ڪروڙ ماڻهن جي آمدني جي برابر آهي. جيڪڏهن پرڏيهي ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي ملڪ ۾ سرمائيڪاري ڪن ته اسان جو ملڪ خوشحال ٿي ويندو. هو پاڪستان ۾ جيڪي به پلاٽ خريد ڪن ٿا انهن تي قبضو ٿي وڃي ته وڏي سرمائيڪاري ڪيئن ٿيندي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته حقيقي آزادي جي تحريڪ انصاف جي تحريڪ آهي اها ان وقت شروع ٿيندي آهي جڏهن عدالتون ڪمزور طبقي کي حق ڏيارڻ لاءِ بيٺل هجن. ماڻهو چاهين ٿا ته عدالتون اسان سان گڏ بيٺل هجن. عمران خان چيو ته چيف جسٽس کي گذارش آهي ته ارشد شريف جي قتل جي جاچ ٿيڻ گهرجي. اعظم سواتي سان ٿيندڙ سلوڪ جي جاچ لاءِ اسان کي سپريم ڪورٽ تي ڀروسو آهي. ٽئين ڳالهه اها ته منهنجي مٿان حملي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حق مون کي آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اهو ناممڪن آهي ته هڪ مفرور انسان ملڪ جا اهم فيصلا ڪري. ملڪ جو وزيراعظم هڪ مفرور سان آرمي چيف جي مقرري لاءِ ڪيئن صلاح مشورا ڪري سگهي ٿو؟ هي آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي آهي اسان ان حوالي سان پنهنجي وڪيلن سان قانوني صلاح مشورا ڪري رهيا آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں