اسلام آباد (بيورو) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري جو اختيار وزيراعظم کي آهي ۽ ان حوالي سان فيصلو وزيراعظم کي ئي ڪرڻو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو ناهي ٿيو. صحافي کانئس سوال ڪيو ته نواز شريف جو آرمي چيف جي مقرري ۾ ڪو ڪردار آهي؟ جنهن تي هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري تي صلاح وزيراعظم جو اختيار آهي، وزيراعظم اهو فيصلو پاڻ ڪندو. خواجا آصف کان وري پڇيو ويو ته نواز شريف سان ڪا مشاورت نه پئي ٿئي؟ جنهن تي هن چيو ته اڃا تائين آرمي چيف جي مقرري تي مشاورت ناهي ٿي، اهي اخباري خبرون آهن. عمران خان جو آمريڪي سازش بابت موقف تبديل ٿيڻ جي سوال تي سندس چوڻ هو ته ڇا عمران خان پهريون ڀيرو ڦريو آ؟ هر سدائين ڦري ويندو آهي، هن گذريل 4 سالن ۾ ڪيتريون ڳالهيون ڪيون ۽ ڪنهن تي قائم رهيو. ن ليگ اڳواڻ چيو ته عمران خان ڪهڙي حالت ۾ هوندو آهي ۽ ڇا چوندو آ کيس پاڻ ياد ناهي هوندو، عمران خان چيو آهي ته مون تي حملي جو ڪيس داخل ناهي ٿيو، کيس پاڻ ئي خبر ناهي ته ڇا چوندو آهي، جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو سندس ڳالهين تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار آهن ته اهو انهن جو معاملو آهي.
