اياز لطيف پليجو جي 64 هين سالگرهه جي مناسبت سان

وَکِينِ آ وترو
انور نوحاڻي
عالمي تاريخ تي نظر وجهبي ته اسان کي اهڙا ماڻهو نظر ايندا جن قومن جي تقدير بدلائي ڇڏي ان جو خاص سبب اهو هو ته جن ماڻھن انهن کي پنھنجو هيرو سمجهو يا رهبر سمجهو ان تي عمل به ڪيو ان سان صرف پيار ڪون هو پر ان جي هر حڪم تي لبيڪ چئي اڳيان وڌيا پوءِ ڀلي کڻي انهن جا ڪن مان نظريا سھي نه هئا پر عوام کي بهتر لڳا ته هنن پنهنجي ملڪن جي تاريخ بدلائي ڇڏي پر بد قسمتي سان اسان وٽ وري ان جي ابتڙ ڪم هلي ٿو سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ ۾ اهڙا هيرا موتي پيدا ٿيا جن جي سنڌي ﻗﻮﻡ ايتري ته واکاڻ ع تعريف ڪندي ڄڻ ته هو هنن کي ذري گهٽ وڃي ڪنهن پيغمبر سان ڀِيٽ ڪندا پر جي هو ڪنهن بهتر ڪم جو چوندا ته ننڍڙي مفاد جي ڪري ان تي عمل نه ڪندا وڏا حوالا ڏئي وڃي وطن دشمن جي ڀر جھليندا اهڙي عملسان تاريخ ڀري پيئي آهي اسان صرف ٿوري وقت کان ڏسون ته خبر پئجي ويندي اسان جي ماڻھن حيدر بخش جتوئي کي پنھنجو هيرو سمجهو کيس اھڙي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي هئي جيئن ٻين ملڪن جي انقلابي تحريڪن جي اڳواڻن کي پيش ڪئي ويندي هئي پر جڏهن اليڪشن ۾ بيٺو ته کيس صرف هاريو ڪون ويو پر مٿس هر طرح جو تشدد ڪيو ويو سنڌ جي ماڻهن اھو دؤر وساري ڇڏيو ع انهن غدارن سان گڏ وڃي بيٺا جن حيدر بخش جتوئي سان اهڙو رويو اختيار ڪيو سائين جي ايم سيد هڪ بهترين تاريخ ساز شخصيت بنجي اسان جي رهبري لاءِ آيو اسان ان جا نعرا هڻندا رهيا سين پر گڏ وري سندس نظريي خلاف ماڻھن سان بيٺا هئاسين نعرا سنڌ جا گڏ سنڌ جي غدارن سان ع اسان تاريخي موقعو وڃائي ڇڏيو رسول بخش پليجو جنهن دنيا جا علم پڙهي سنڌي قوم کي هڪ نظريو ڏنو واٽ ڏني جنهن ڪوٽ لکپت جيل ۾ پنهجي زندگي جا حسين پل ڏنا جھر جھنگ۾ وڃي سنڌ جي تبليغ ڪئي نظرياتي ڪارڪن پيدا ڪيا انهي کي اليڪشن ۾ هارايو ويو وري جنهن پارٽي جي اڳواڻ سامراج سان ٺاھ ڪري کيس هارايو ان کي اسان جو لکيل پڙهيل طبقو هيرو سمجھي ٿو سڄو ڏينهن انهن جي تعريف ڪندي ٽپا ڏيئي رهيا آهن اهڙا تاريخي موقعا قومن کي ڪڏهن ڪڏهن ملندا آهن جن تي هو عمل ڪري انقلاب آڻي ڇڏينديون آهن پر اسان جڏهن اهڙا ماڻهو هليا ويندا آهن پوءِ انهن جي تعريف ڪندي رات ڏينهن ھڪ ڪري ڇڏيندا آهيون جنهن ڪري سنڌ اڄ واڳن جي وات ۾ آھي اڄ وري اسان کي تاريخ موقعو ڏنو آهي ته سنڌ هڪ توهان کي هڪ يگانو ليڊر ڏنو آھي جنهن جيڪو هڪ عالم آھي ته مقرر به آهي شاعر آھي ته اديب به آهي ليکڪ آهي ته لطيف سائينءَ جو پارکو به آهي ان سان گڏ قانوندان آهي جنهن کي اياز به چئي سگهجي ٿو ته لطيف به چئي سگهجي ٿو پليجو به چئي سگهجي ٿو پر سڄو نالو وٺجي ته ان کي اياز لطيف پليجو چئجي ٿو اياز لطيف پليجو سان ڪيترا ئي اختلاف ڪن ماڻھن جا ٿي سگهن ٿا پر ان ۾ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جا ماڻهو ڀلي ٻين پارٽين ۾ ھجن يا سندن ڪنهن پارٽي سان واسطو نه هجي پر هو کيس پنھنجو هيرو سمجهن ٿا پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪوبه اهڙو ليڊر ناھي جنهنجي مخالف پارٽي جو ڪارڪن ٻي پارٽي جي اڳواڻ کي پنھنجو ليڊر سمجهي اياز لطيف پليجو جڏھن ڳالهائيندو آهي ته هو رسول بخش پليجو نظر ايندو آهي جڏهن تقرير ڪندو آهي ته هو اسٽالن ع فيڊل ڪاسترو لڳندو آهي جڏهن ڪا معصوم نياڻي اغوا ٿي وئي هجي ڪنهن غريب جو لاش روڊ تي پيل هجي ڪا سوڍي ڀيل جي بي واه زال پڪاريندي هجي ڪنهن اقليت واري سان ظلم ٿيو هجي ع اتي جڏهن پاڻ پنهنجي ننڊ فٽائي پهچندو آهي ته شھيد عوام فاضل راهو لڳندو آهي جڏهن لياري۾ سنڌي بلوچ ع ڪڇي پاڻ۾ خونريزي ڪري هڪ ٻئي جو قتل عام ڪندا ھجن اتي انھن جو ٺاھ ڪرائي ڪراچي جي دهشت گردن جي ھر سازش مٽي ۾ملائي جڏهن 22 مئي تي گولين جي سامھون گج گوڙ ڪري هلندو آھي ته دودو نظر ايندو آهي جڏهن لطيف سائينءَ تي ڳالهائي ٿو ته ابراهيم جويو شيخ اياز، رشيد ڀٽي صالح محمد شاھ لڳي ٿو جڏھن دشمنن سان اکين۾اکيون ملائي ڳالھائيندو آھي ته گوريلو اڳواڻ چيگويرا لڳندو آهي سندس ھر ادا هر انداز ڪنهن انقلابي اڳواڻ کان گھٽ نه آهي پر ڪڏهن ڪڏهن جڏهن ضد ڪندو آھي ته ننڍڙو ٻار به لڳندو آهي جنهن ضد ۾ به ڪيتريون ئي معاناون آھن اياز لطيف پليجو سياست ۾ پليجي ، سائين جي ايم سيد ۽ ٻين کان پوءِ جيڪي نواڻ آندي آهي ان ۾ سنڌي قوم ۾ اميد پيدا ٿي آهي ھي ھن دور جو وڏو ماڻهو آھي هو دور انديش آهي سندس سوچ هڪ اهڙو نظام اڏڻ ٿي چاھي جنهن تي مظلوم عوام کي صدين تائين ناز رهندو اياز لطيف پليجو اهو اڳواڻ آهي جنهن معصوميت کان وٺي هيستائن پنهنجي ڌرتي ماءُ لاءِ جدوجهد جاري رکي آهي ھن جو آواز عوام جي دلين۾ اڄ به ائين گھر ڪيل جيئن ننڍڙو ٻار هوندو هو ع جيجي زرينا بلوچ سان گڏ ريڊيو تي ڊرامي۾ اداڪاري ڪري ماڻھن کي موهي وجهندو هو اياز ان ڪري به وڏو ماڻهو آھي جو سندس تربيت انقلابي پارٽي۾ انقلابي ماءُ ۽ پيءُ ڪئي هن شعر وانگر ته
سراسر انقلاب آهيان
سنڌ ڌرتي جي
سورن جو ڪتاب آهيان هن جي ڏاهپ کان مخالف ڇرڪ کائيندا آهن هو سمورين سنڌ جي محب وطن پارٽين جي ڪارڪنن کي پنھنجو ڪارڪن سمجهي ٿو جنھن ڪري سنڌ جا ڪيترائي نوجوان هن سان پيار ڪن ٿا سنڌ جي سمورن شهيدن کي پنهنجو شهيد سمجهي ٿو جن ڌرتي ماءُ لاءِ سر ڏنو پوءِ اهو ڀَلي ڪھڙي به پارٽي جو هجي سنڌ جي آباد گار ، هاري ع ٻين جي اها خواھش ته هي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو وڃي جيئن سنڌ جو آواز سگهارو آواز ٿيئي اياز لطيف پليجو لاءِ هر ان سلجهيل ذهن جي اها خواھش آھي ته هاڻ بس اياز لطيف پليجو ئي ڪجھ ڪري سگهي ٿو تاريخ وري سنڌ جي عوام کي اهو موقعو ڏنو آهي ته توھان تاريخ مان هاڻ سکي ورتو آهي قومون پنھنجي هيرن جو قدر ڪندي انھن جي نظريي تي هلندي سوڀاريون ٿينديون آهن توهان کي سوڀاري ٿيڻ جو موقعو مليو آهي انجا هٿ مضبوط ڪريون سندس ان علم عقل فهم ڏاهپ ع رهبري مان فائدو وٺي جيڪا قومِ هڪ اوڙاھ ۾ اڇلي ويئي آهي انکي ٻاهر ڪڍون پنهنجي ڌرتي ماءُ جي هيرن جو قدر ڪري تنظيم سازي ڪري هڪ اھڙي سنڌ بڻايون جنهن جا مثال دنيا ڏي اڄ اياز لطيف پليجو جي سالگره جو ڏينهن آهي کيس جنم ڏينهن مبارڪ هجي ان سان گڏ اھو لطيف سائينءَ جو بيت ته
ننڊو تان ڪوھ پر وَکِين آ وترو
وڃيو ڪاڪ ڪنڌيءَ پهس پکي جان پوه
تنهن ڪرسندو ڪوه ميو ماٺو نه ٿئي (شاھ)

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں