بدين(ڊ ر)صحت کاتي جي ملازمن جي گرانڊ ھيلٿ الائنس ء ليڊي ھيلٿ ورڪرن ڪالھ رسڪ الائونس ء ٻين مطالبن جي مڃتا لاء ڪم ڇڏ هڙتال ڪري بدين پريس ڪلب جي آڳيان ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ھن موقعي تي سنڌ جي صحت واري وزير جي خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي اڳواڻن الله بچايو انڙ مير لکي ٽالپر فرزانا جتوئي ھاشم سومرو علي بخش گوپانگ ۽ ٻين چيو ته ليڊي ھيلٿ ورڪرز تي بدترين تشدد ۽ صدر بشريٰ آرائين سميت ٻين جي گرفتاري بدترين ظلم ء تشدد غير جمھوري آمرانا عمل آھي جنھن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اھا گھٽ آهي ھنن چيو ته جيستائين رسڪ الائونس بحال نٿو ڪيو وڃي ۽ ملازم دشمن وزير عزرا پيچوهو کي ھٽايو نٿو وڃي احتجاج جاري رھندو ھوڏانھن رسڪ الائونس جي بحالي لاء نندو ٽنڊو باگو تلھار سميت ضلع جي ھيلٿ سينٽرن تي احتجاج ء ڪم ڇڏ هڙتال ڪري مظاھرا ڪيا ويا.
