حيدرآباد ۾ ”هڪ شام سنڌ جي عاشقن جي نانءُ“ جي عنوان هيٺ تقريب

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي قومي شاعر ۽ راڳي جمن دربدر ۽ مٺو مهيري کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ ثقافت کاتي پاران حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم هال ۾ شام ملهائي وئي.“هڪ شام سنڌ جي عاشقن جي نانءُ” جي عنوان هيٺ منعقد ڪيل تقريب ۾ جمن دربدر ۽ مٺو مهيري جي تصويرن آڏو گل رکي ڏيئا ٻاري کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي، هن تقريب ۾ اديبن، شاعرن، سياسي ڪارڪنن، شاگردن ۽ ساڃاهه وند ڌرين سميت عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي ثقافت ۽ تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته جمن دربدر ۽ مٺو مهيري جو اوچتو وڇوڙو ٿيو ۽ سنڌ کي هڪٻئي جي پٺيان ٻه ڏک مليا، جمن دربدر ۽ مٺو مهيري ڪنهن کان ڪجهه گهريو ئي ڪون، هنن ٻنهي ڄڻن سنڌ جي جهرجهنگ ۽ واهڻ وستي وڃي ماڻهن کي سجاڳ ڪيو، هنن ٻنهي جو وڃڻ اسان کي ڳرو پيو لڳي. هن چيو ته جمن دربدر ۽ پنهنجي مامي سان گڏ 10 ورهين جي ڄمار ۾ سن وڃڻ ٿيو ۽ سائين جي ايم سيد سان ملاقات ٿي هئي، سائين جي ايم سيد ان ملاقات ۾ به جمن دربدر سان گيت ڳائي ٻڌائي جي خواهش ظاهر ڪئي هئي، ڇو ته سائين جي ايم سيد جنم جنم واري چرکي کي سنڌ سان جوڙيو هو ۽ هن کي يقين هو ته وري جنم ٿيو ته سنڌ ۾ ئي ٿيندو، جمن دربدر به ان ئي خيال جو ماڻهو هو. هن چيو ته جمن دربدر مسڪين جو پٽ هو ۽ پنهنجي زندگي به غربت ۾ گذاري، هو عشق ۾ پنڌ هلندو رهيو، هو ڪنهن عورت جو رڳو هٿ ڏسي پنڌ نڪري پوي ٿو. سنڌ جي ٻن ڪردارن جمن دربدر ۽ مٺو مهيري جمهوريت جي لاءِ قرباني ڏني. هن چيو ته ماڻهن تي فتوائون ۽ تهمتون هڻڻ وارو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، جيڪو جنهن انداز سان سنڌ جي لاءِ ڪم ڪندي سفر ڪري ٿو ان کي ڪم ڪرڻ ڏيو، سنڌ کي هاڻ مفتي نه پر محبوب کپن ٿا، سنڌ کي روڄ راڙي جي ڪيفيت مان ڪڍڻ جي ضرورت آهي، ڪردارن کي رول ماڊل ٺاهڻ گهرجي، اسان ته پنهنجين عمرين کي به حادثن ۽ آفتن سان ڪڇيون ٿا، پر هاڻ اسان پنهنجي اولاد جي ڄمارن کي خوشين جي لمحن سان ڪڇيون. سيد سردار شاهه چيو ته حيدرآباد ۾ ڪورونا سبب سرگرميون معطل هيون، پر هاڻ ثقافتي سرگرميون شروع ٿي ويون آهن، حيدرآباد ۾ سنڌ ميوزيم ۽ مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۾ ٻه وڏا ثقافتي پروگرام ٿي رهيا آهن، ثقافتي سرگرميون ضروري آهن، جنهن سان اسان انتهاپسندي کي منهن ڏئي سگهون ٿا. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته استادن جي ڀرتين واري مرحلي جا ٻه فيز مڪمل ڪيا ويا آهن، اهو سلسلو ٻن سالن تائين هلندو، اسان وٽ 40 کان 62 مارڪون کڻندڙ اميدوار ويٺا آهن، جن کي ڀرتي ڪري ڀرتين کي مڪمل ڪيو ويندو، حيدرآباد ۾ استادن جي ڀرتي واري مرحلي ۾ مسئلا آهن، پر اسان ڪو به اسڪول نه ڇڏينداسين، سمورن اسڪولن ۾ استادن جو انگ پورو ڪيو ويندو. تقريب جي صدارت ڪندڙ نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري خطاب ڪندي چيو ته اڄ پهريون موقعو آهي ته هڪ سرڪاري اداري پاران سنڌ جي ٻن عظيم قومي ڪارڪنن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ضياءَ جي آمريت وارن ڏينهن ۾ باغي سياسي ڪارڪنن کي ڪوڙا لڳائڻ جا اعلان پئي ٿيا، مٺو مهيري ۽ ٻين کي ڪوڙا پئي لڳا ۽ ڪوڙو لڳندي ئي ڪوڙو کائيندڙن کي جيئي سنڌ جا نعرا هڻندي اکين سان ڏٺا، هنن ڪردارن جي اندر ۾ جيترو مٽيءَ سان عشق هو اوتري ئي ظلم ۽ جبر خلاف ڪاوڙ هئي. هن چيو ته عشق ۽ ڪمٽمينٽ واري سنڌ جمن دربدر ۽ مٺو مهيري جهڙن ڪردارن جي ڪري ئي آهي، سنڌ کي رومانس جي ضرورت آهي. هن چيو ته اڳ سياسي ڪارڪنن ۾ رواداري هئي، مختلف نظرين وارا سياسي ڪارڪن هڪٻئي جو احترام ڪندا هئا، پر هاڻ ائين ناهي، سياسي رواداري ناهي. هن چيو ته سنڌ هن وقت وڏين مصيبتن مان گذري پئي، سنڌ ۾ ڌارين جا ڪٽڪ اچي رهيا آهن، سنڌ تي روز افغانين جون يلغارون آهن، پر سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي، سنڌ جي ماڻهن کي سنڌ حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻو پوندو، اسان کي اميد آهي ته پيپلزپارٽي اقتداري جي پٽي اکين تان لاهي ڌارين جي آبادڪاري واري مسئلي تي ڌيان ڏيندي، ڇو ته اقتدار رڳو ڪجهه سالن جو نالو آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت نوتيس نه ورتو ته صورتحال هٿن مان نڪري ويندي. نامياري اديب مدد علي سنڌي چيو ته جمن دربدر عبدالواحد آريسر جو دوست هو ۽ هن سان منهنجي پهرين ملاقات سائين جي ايم سيد وٽ عبدالواحد آريسر ئي ڪرائي هئي، جمن دربدر سدائين سنڌ جي لاءِ گيت لکيا ۽ سنڌ جا گيت ڳائيندي هليو ويو. هن چيو ته مٺي مهيري سنڌ لاءِ وڙهندي سختيون سٺيون، هن جمهوريت جي لاءِ تشدد برداشت ڪيو، آمريت وارن ڏينهن ۾ مٺو مهيري کي 14 ڦٽڪا لڳا پر هو پنهنجي نظريي ۽ خيال کان پوئتي نه هٽيو ۽ وڏي مڙسي سان سختيون برداشت ڪيون. جمن دربدر جي ڀاڻيجي حاجي ساند چيو ته جمن دربدر جي سمورين رولاڪين ۽ پنڌ جي پويان سائين جي ايم سيد جو فڪر هو، جمن جي ايم سيد جي فڪر تحت سنڌ جي آزادي ۽ خوشحالي واري خواب پويان دربدر ٿي هليو، جمن دربدر سڄي عمر غربت ۾ گذاري پر سنڌ هن سان هڪ باوقار طريقي سان موڪلايو، سنڌ جي تاريخ ۾ هن کي اهڙي ڀيٽا ملي آهي جنهن کي وساري نٿو سگهجي، جمن سنڌ جي عاشق نوجوانن جو ميزبان هو، جيڪي وطن جي آجپي جا خواب کڻي سندس وٽ ايندا هئا، جمن دربدر پاڻ مهمان ٿي ايندڙ قومي ڪارڪنن جي مهمانوازي پاڻ ڪندو هو، جمن دربدر سنڌ جي مٽيءَ جو چارڻ هو، هو سنڌ وطن جي لاءِ وڙهيو، جمن دربدر کي ساهه جي آخري گهڙي تائين اهو سن جي پوڙهي جو پيغام ياد هو، جمن آخري وقت تائين وطن جي پيغام کي نه وساريو. ثقافت کاتي جي ڊي جي منور علي مهيسر چيو ته جمن دربدر ۽ مٺو مهيري ظلم ۽ ڏاڍ خلاف وڙهندي پنهنجن ماڻهن سان گڏ بيٺا رهيا، اها ڳالهه چئي ويندي آهي ته ڪردارن کي جيئري مڃتا ڏيڻ گهرجي، پر جمن دربدر ۽ مٺو مهيري جهڙا ڪردار ڪڏهن مرڻا ناهن، ان ڪري کين ڀيٽا ضرور پيش ڪرڻ گهرجي. مير حسن آريسر چيو ته جمن دربدر ۽ مٺو مهيري ٻن مختلف اسڪول آف ٿاٽ جا ماڻهو هئا، ان اسڪول آف ٿاٽ جو مقصد نئين سنڌ اڏڻ هو ۽ جمن دربدر ۽ مٺو مهيري اڄ سنڌ ۾ جيڪو قومي سجاڳي وارو ماحول آهي اهو هنن ڪردارن جي محنت ۽ تڪليفن جمن دربدر ڪڏهن به پنهنجو وطن نه وساريو، هن پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ کي هٽ جو وکر نه بڻايو، هو نه وڪيو نه ئي جهڪيو، جيتوڻيڪ جو هو وڏو قدآور شخصيت جو مالڪ هو، جمن سنڌ وطن جي ماڻهن جي لاءِ وڻندڙ ماڻهو هو، جمن دربدر جو سياسي سفر ڪنهن سڪل ڪاٺ جهڙي سياسي ڪارڪن جيان نه پر راڳ ۽ فن جي صورت ۾ بنهه منفرد هو. پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر دودي مهيري چيو ته مٺو مهيري اسان جو عزيز هو، مٺي مهيري پنهنجي زندگي کي اهميت ڏيڻ بجاءِ سنڌ جي ماڻهن جي زندگين کي اوليت ڏني، مٺو مهيري محفل جو مور هو. هن چيو ته جمن دربدر سائين جي ايم سيد جي پيغام کي پهچائڻ جي لاءِ عبدالواحد آريسر سان گڏ پنڌ ڪيا، ٻئي غريب ۽ مسڪين ماڻهو هئا، پر سندن خيال وڏو هو، جمن دربدر جي ٻولن “وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو” سنڌ جي نئين تاريخ لکي ڇڏي. ان موقعي تي جمن دربدر جي پٽ سگهڙ جمن دربدر وٺي هر هر جنم وربو ڳائي پنهنجي والد کي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته نامياري راڳي شفيع فقير، سيف سميجو، ريشمه پروين، الهڏنو خاصخيلي، انو سولنگي ۽ ٻين قومي گيت پيش ڪري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، تقريب جي ڪارروائي نامياري اديب نصير مرزا هلائي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں