سنڌ هاري ڪاميٽي پاران جاگيرداري نامنظور مارچ ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽ) سنڌ هاري ڪاميٽي جي گڏجاڻي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي جي صدارت ۾ ٿي گذري گڏجاڻي ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي,ڪامريڊ زاد عالم لاشاري,پروفيسر وجود علي,ڪامريڊ محبوب حيدر,حسن رضا شر,ڪامريڊ ولي محمد,ڪامريڊ وفا سنڌي,شازيب سولنگي,جونيئر مظهر جتوئي ۽ ٻيا شريڪ هئا. گڏجاڻي ۾ متفقه فيصلو ڪيو ويو ته پورهيت جدوجهد کي زندگي ارپيندڙ ڪامريڊ اظهر جتوئي جي ٻئين ورسي برسات متاثرن سان يڪجهتي طور سادگي سان ملهائي ويندي 18نومبر تي ٽنڊو محمد خان ۾ وڏيرا شاهي نامنظور جاگيرداري نامنظور مارچ ڪيو ويندو ٻڏل تباه حال سنڌ جي حقيقي بحالي جو مطالبو ڪيو ويندو ان موقعي تي اڳواڻ بيان جاري ڪندي چيو ته 18نومبر تي تاريخي مارچ ڪيو ويندو وڏيرن ڀوتارن پيرن ميرن جي ڪرندڙ ڪوڙ جو خاتمو ٿيندو هنن چيو ته جيستائين وڏيرا شاهي جو خاتمو نه ٿيندو جيستائين سڀني ماڻهن کي برابري جي بنياد حق نه ملندا ته ملڪ خوشحال نه ٿيندو وڏيرن جي ظلم جبر کان نجائت هاڻي اڻٽر آهي سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن اڳواڻن چيو ته مظلوم عوام کي دعوت ڏيون ٿا ته ظلم جبر خلاف سنڌ هاري ڪاميٽي جي مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪري…!!

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں