سوڀوديرو ۾ بااثر بلڊر تاج مائينر مان نڪرندڙ رستو ڊاهي ڇڏيو

سوڀوديرو(ن س) خاڪي ڳوٺ جو رهواسي بلڊر برڪت خاڪي اڄ صبح سان  پنهنجي پرائيوٽ ڪرين مشين  ڪاهي سرڪاري واٽر ڪورس  جيڪو تاج مائينر مان نڪرندڙ آهي ان جو سٺ سال پراڻو  رستو ڊاهي ڇڏيو، هن رستي سان ڪيترائي ڳوٺ، سوين ايڪڙ زمين ۽ مشهور درگاھ پير  حاجي جنداڻي  المعروف رونجهل سرڪار جا عقيدتمند ۽ پانڌيئڙا گذرندا هئاجڏهن ته هي واٽر ڪورس سرڪاري آهي جنهن جي ٻنهي پاسن کان سرڪاري زمين تقريبن سورنهن فٽ ڇڏيل  آهي. پر هي ڪرپٽ بلڊر برڪت خاڪي  پئسي جي انڌي نشي ۾ ڌت ٿي ڪري  ڏاڍ ۽ جبر سان  اچي واٽر ڪورس جي سرڪاري زمين کي پنهنجي پرائيوٽ ڪرين مشين  سان ڊاهرائي زمين  پائي پنهنجي ذاتي زمين ۾ملائي ڇڏي. هي اهو برڪت خاڪي آهي جيڪو هرسال عشره  محرم جون مجلسون ۽ ماتم  ڪرائيندو آهي۔اڄ  هن هزارين مسڪينن جو رستو بند ڪري ثابت ڪيو آهي ته هي ڪيترو احساس وارو انسان آهي. علائقي واسين  چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ، ڪمشنر سکر، ڊي سي خيرپور ،اي سي سوڀوديرو سميت اعلي حڪام کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي۔سندن چوڻ هو ته هن ڪرپٽ ٺيڪيدار جي غيرقانوني عمل جو نوٽيس وٺي رستو بحال ڪرايو وڃي ۽ هن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں