سيوهڻ (ن س) “منڇر مان لڳاتار ٻوڏون ڪيئن روڪجن” موضوع تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ پاڻي جي ماھرن منڇر ڍنڍ ۾ مٺي پاڻيءَ جو ڇوڙ يقيني بڻائڻ ۽ کاري پاڻيءَ جي روڪٿام لاءِ متبادل رستا پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو آھي . ھنن اھڙن خيالن جو اظھار ھنن منڇر ٻوڏ متاثر ايڪشن ڪاميٽي پاران “منڇر مان لڳاتار ٻوڏون روڪڻ لاءِ ڪرايل ھڪ ڏينھن واري ڪانفرنس ۾ ڳالھائيندي ڪيو . ڪانفرنس ۾ ڊبليو ڊبيلو ايف پاڪستان جي اڳواڻ نصيرميمڻ ڳالھائيندي چيو ته منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي ڇوڙ لاءِ متبادل رستن جي تلاش ڪرڻ گھرجي ، جنھن لاءِ سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ان لاءِ ورلڊ بئنڪ ذريعي اسٽڊي ڪرائي تہ منڇر ۾ سم واري پاڻي ۽ برسات واري پاڻي جي نيڪال جا ٻيا متبادل رستا ڪھڙا ٿي سگھن ٿا . ھن چيو تہ بلوچستان مان ايندڙ برسات وارو پاڻي سنڌ ۾ داخل ٿيندي ان تي ڊئم ٺاھي سگھجي ٿو ، جنھن لاءِ پڻ اسٽڊي ٿيڻ گھرجي تہ اھو ممڪن آھي يا نہ . ڪانفرنس ۾ ڳالھائيندي ڄام شورو مان پ پ جي ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو ته ڇاڪاڻ ته ھو ٻوڏ وارن ڏينھن کان اڳ ئي ھن علائقي ۾ موجود ھو انڪري ھو ٻوڏ واري مسئلي ۽ ان دوران ماڻھن کي پھتل تڪليفن کان واقف آھي . ھن چيو تہ منڇر ۾ مٺو پاڻي داخل ڪرڻ سميت ايم اين وي ڊرين ذريعي منڇر ۾ نيڪال ٿيندڙ پاڻيءَ جا ٻيا متبادل رستا ڳولڻ تي سنڌ حڪومت تمام گھڻو ڪم ڪيو آھي پر ان ڏس ۾ ڪو بھتر حل تلاش نه ٿي سگھيو آھي . ھن چيو تہ ايم اين وي ڊرين مان منڇر ۾ ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي جيسيتائين نيڪال ٿيندو رھندو ، تيسيتائين منڇر جو بھتر حل ملي نه سگھندو . ھن چيو تہ سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ ڪم ڪري رھي آھي ، جنھن ۾ منڇر جا بند مضبوط ڪرڻ ، بندن جي پٿرن جي پيچنگ مضبوط ڪرڻ سميت منڇر مان اڙل واھ ذريعي پاڻيءَ جو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي گنجائش وڌائڻ لاءِ پڻ ڪم ٿي رھيو آھي ، جنھن سان ھن علائقي ۾ ٻوڏ جا امڪان بنھ گھٽجي ويندا . ڪانفرنس ۾ آبپاشي سنڌ کاتي جي ننڍن ڊيمن بابت حيدرآباد جي چيف انجينيئر شفقت وڌيو چيو ته اھا ڳالھ سمجھڻ گھرجي تہ پاڻيءَ جو وھڪرو مٿان کان ھيٺائين جي طرف ھوندو آھي ، ان جي ڪري درياءَ جي ساڄي ڪپ وارو قمبر- شھدادڪوٽ ، بلوچستان ۽ دادو جو پاڻي منڇر جي طرف وھندو، جيڪو عين فطرتي آھي ، انڪري انجو رستو موڙڻ شايد ممڪن نہ ھجي . ھن چيو تہ سنڌ حڪومت کي ايم اين وي ڊيم جو اختيار وفاقي حڪومت کان وٺي پاڻ وٽ رکڻ گھرجي ڇاڪاڻ تہ برساتن ۽ ٻوڏن ۾ واپڊا ايم اين وي جي مالڪي ئي ناھي ڪندي جنھن سبب سڄو مسئلو سنڌ حڪومت جي ڳچي ۾ پوندو آھي . اھا سڪيم سنڌ حڪومت پنھنجي ڪنٽرول ۾ وٺي پاڻ ھلائي . ٻيو تہ منڇر جو حل ان ۾ مٺي پاڻيءَ جي وھڪري سان جڙيل آھن ، جنھن لاءِ دادو ڪينال کان ھڪ ھزار ڪيوسڪ واري گنجائش وارو ڪئنال ڪڍي سگھجي ٿو ، جيڪو منڇر کي مٺي پاڻيءَ جي رسد ڏئي . ھن چيو تہ ھڪ ٻيو حل منڇر کي بيراج بنائڻ آھي ، جنھن بابت بہ ڪوششون وٺي سگھجن ٿيون . ناليواري ليکڪ ، اديب ۽ دانشور پروفيسر اعجاز قريشي چيو تہ ھو مقامي آبادگار بہ آھي ، جنھن سبب ھن سالن تائين منڇر جو عروج ڏٺو آھي ، جڏھن بوبڪ ريلوي اسٽيشن تي سوين مڻ مڇي چڙھندي ھئي ، ھن وقت جڏھن منڇر برباد ٿي وئي آھي تہ کيس ڏک ٿي رھيو آھي . ھن چيو تہ 1930 واري ڏھاڪي ۾ بوبڪ کي ميونسپالٽي قرار ڏنو ويو ھو ، جتي مڇي جي پيداوار سميت ، منڇر جي ٻي پيداوار جنھن ۾ بھ ، ڪم ، پٻڻ ۽ لوڙھ وغيرھ ججھي مقدار ۾ ٿيندا ھئا . رڪارڊ موجب 1936 ۾ بوبڪ جي شاھوڪار ميونسپالٽي بمبئي سرڪار کي اوڌر تي پيسا ڏنا ھئا، جنھن مان ھن علائقي جي خوشحالي جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ، جيڪا خوشحالي صرف منڇر ڍنڍ جي ڪري ھئي. ھن چيو تہ سنڌ حڪومت کي سنجيده ٿيڻو پوندو تڏھن ئي منڇر بچي سگھندو ۽ انجي آسپاس رھندڙ لکين انسان بہ بچي سگھندا . ڪانفرنس کي ناليواري ليکڪ ۽ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نوازخان زنئور پڻ خطاب ڪيو ، ھن چيو تہ سنڌ ۾ وڏين ٻوڏن جو اھم ڪارڻ پاڻي جي وھڪرن جا قدرتي لنگھ بند ڪرڻ آھي ، جنھن سبب پاڻي کي اڳتي وڌڻ لاءِ قدرتي رستا نہ پيا ملن. ھن چيو تہ منڇر ڍنڍ ھڪ قدرتي ڍنڍ آھي ، جيڪا رڳو ڍنڍ نہ پر ھڪ تھذيب آھي ، جيڪا پڄاڻي ڏانھن وڌي رھي آھي . ناليواري ليکڪ محمد خان ابڙو چيو تہ منڇر جون تباھڪاريون ھاڻي ماڻھن کان برداشت نہ پيون ٿين . سنڌ حڪومت کي گھرجي تہ ان ڏس ۾ لائحيئہ عمل جوڙي منڇر واسين کي ٻوڏن کان مڪمل تحفظ ڏياريو وڃي . مقامي آبادگار ۽ سياسي سماجي اڳواڻ وڏيرو شجاع راھپوٽو چيو تہ سڪيءَ ۾ بہ منڇر واسي مرن ۽ ٻوڏ ۾ بہ اسين ، ھاڻي ائين ٿيڻ نہ گھرجي . ھن چيو تہ تازي ٻوڏ سبب ماڻھن جا تمام گھڻا نقصان ٿيا آھن ، جن جو ازالو ٿيڻ گھرجي . ناليواري ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ امام علي ڏيٿو چيو تہ منڇر درياء جي ڪنڌيءَ تي رھندي بہ منڇر واسي مٺي پاڻيءَ لاءِ تڙپي رھيا آھن . ھن چيوتہ منڇر جي مالڪي نہ ٿي ۽ جيڪڏھن منڇر ۾ مٺو پاڻي پھچائڻ جو بندوبست نہ ڪيو ويو تہ ھن علائقي ۾ لڏپلاڻ شروع ٿي ويندي . فشرفوڪ فورم جي چيئرمين ۽ مقامي اڳواڻ مصطفي ميراڻي منڇر جي تاريخ ورجائي ، جنھن منڇر جي عروج واري دؤر تي روشني وڌي ۽ چيو تہ منڇر کي مٺي پاڻي جي فراھمي نہ ٿي تہ منڇر مڪمل طور تي تباھ ٿي ويندو ، جتان اڳ ئي ملاحن جا ھزارين خاندان سنڌ جي مختلف علائقن ڏانھن لڏپلاڻ ڪري ھليا ويا آھن. ڪانفرنس جي آغاز ۾ مقامي آبادگار ۽ سماجي اڳواڻ منظور جمالي ۽ رضا محمد پنھور آيل مھمانن کي آجياڻو ڏنو ۽ چيو تہ منڇر جي بحالي ڀان سيد آباد کان سيوھڻ تائين پوري علائقي جي بحالي آھي . ڪانفرنس جي آخر ۾ منڇر جي بحالي جو پروگرام شروع ڪرڻ ، ٻوڏ متاثرن کي معاشي پيڪيج ڏيڻ ۽ مقامي ماڻھن کي بنا وياج جا ننڍا ننڍا قرض ڏيڻ جھڙا مطالبا ڪيا ويا ، جيڪي ڪانفرنس جي شرڪاءَ منظور ڪري ورتا . منڇر جي بحالي ۽ ٻوڏن کان بچاءَ لاءِ ڪرايل ھن ڪانفرنس ۾ مقامي آبادگارن ، مھاڻن ، ٻوڏ متاثرن ۽ علائقي جي معززين جي ھڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي ، جڏھن تہ سيوھڻ پريس ڪلب سميت ڀان سيدآباد ۽ ڄام شورو جي صحافين پڻ ڪانفرنس کي رپورٽ ڪيل پروگرام ڏيکاريا .
