رياض ابڙو
انا، هوڏ ۽ ضد مان نڪري هاڻي فوجي اسٽبلشمينٽ سان ڳالهيون ممڪن ڪرڻ خان جي وس جي ڳالھ ناهي ان ڪري ڪلھ تائين جيڪو شخص اهو چوندو هيو ته زرداري ۽ نون ليگ پنهنجي مرضي جو آرمي چيف نه ٿا آڻي سگهن ان ڪري آرمي چيف جي ان طريقي چونڊ خان جا وسوسا ۽ وهم وڌائينديون ان ڪري ”ساس بهي کبهي بهو تهي“ واري ڳالھ آ جيئن خان ٽوٽل بيلٽ باڪس جي 33 سيڪڙو کٽيل يا گھڻائيءَ ۾ کنئيل ووٽن جي ڳڻپ ڪري کٽرايو هينس ان ڪري هاڻي به هن کي ککي ٿو ته اسٽبلشمينٽ ڪيئن اڻ ٿيڻي کي ٿيڻي ڪري ٿي ڇڏي جيئن اعتماد جو ووٽ وڏي اعتماد سان هن جا اتحادي ڏئي ويٺا ۽ هن جا صبح جا سٿي شام جا دشمن ٿي بيٺا ان ڪري هاڻي جي آرمي چيف زرداري ۽ نوازشريف جي چاهت سان آيو ته هن جي لاھ ئي نڪري ويندا ان ڪري هي نا ڳالھ ۾ به محتاط آ ته اهو فيصلو هن کان پڇي ڪن ته آرمي چيف ڪير هجي يا نه هجي پر ڪلوڪهي ڳالھ (وزيراعظم جي صوابديد کي پوءِ ٿا ذڪر ڪيون) جو 33 بلن تي جڏهن پي ٽي آءِ وارا صحيون ڪرائي پاس ڪرائي ويا هيا ته ان ٽائيم تي هڪ ٽنگ تي نچندا هيا ۽ پي ڊي ايم تي کلون ڪندا هيا ته ڪيئن اسٽبلشمينٽ جي طاقت ۽ فوجي شخصن جي آشرواد سان اهي پي ٽي آءِ وارا شيون ممڪن ڪري ويا هاڻي به ساڳي ڳالھ ته ان ٽائيم تي جيڪا صوابديد نوازشريف وٽ هئي هاڻي ساڳي صوابديد شبهازشريف وٽ آهي ته هو آرمي چيف جي سليڪشن لنڊن ۾ ڪري يا لاهور ۾ ڪري نوازشريف جي ڊرائنگ روم ۾ ڪري يا ايوان جي آفيس ۾ ويهي ڪري ان ڪري ته صوابديد شهبازشريف جو جمهوري حق آ ان ڪري مدي پوري ڪرڻ واري ڳالھ يا رٽَ عمران خان به هڻندو هيو ته هاڻي شهبازشريف به هڻي ٿو ڇو سياست ڪرڻ ۽ ڄمي سياست ڪرڻ ۾ واضع فرق اهو آ ته اڳواڻ ها ۾ ها ملائي سياسي مفاهمت گيريون ڪري ڪم هلائي ٿا وڃن يا هاڻي جنرل باجوا پاڻ ٻيهر ايڪسٽينشن وٺڻ کان انڪار ڪيو ان ڪري نومبر 2019 ۾ عمران خان جنرل باجوا کي ايڪسٽينشن ڏنو هيو ان ڪري هاڻي ٻيهر ان کي ايڪسٽينشن ممڪن نه هيو پر عمران خان پاڻ کي ان ضد ۾ لاهي خواد خراب ڪيو يا سليڪشن ٽيم جي آڏو ڪجھ جنرل آهن جن مان سيد عاصم منير شاھ، ساحر شمشاد مرزا، اظهر عباس، نعمان محمود، فيض حميد ۽ محمد عامر شامل آهن پر انهن مان هاٽ فيورٽ جنرل محمد عامر هوندو ان ڪري شهبازشريف ۽ نوازشريف جي لنڊن واري سياسي ڊرائنگ روم ۾ اها ڳالھ طئي ڪري چڪا آهن ان ڪري جو اهو اختيار ۽ صوابديد شهبازشريف وٽ آهي ته هو ڪنهن به هڪ کي سينارٽي ۽ پنهنجي اختيار مطابق چونڊي سگهي.
هونءَ خان جي يوٽرنن تي ويهي ڪو ڪتاب لکجي ته پنا کٽي وڃن ۽ بيان به کٽي وڃن، يا جيترا يوٽرن خان پنهنجي ساڍن ٽن سالن جي حڪومتي دور ۾ وٺندو هيو ان کان به ٻيڻا يوٽرن هاڻي ٿو وٺي، يا بهترين ”اوريٽر“ (مقرر) اهو به ناهي ته هو جڏهن اسٽيج تي چڙهي ته هوش حواس وڃائي ويهي يا ان کي رڳو دشمن (بي سبب) نظر ۾ هجن يا ذهن ۾ فٽ ۽ فڪس هجن پر دنيا کي خان جي اهڙي بي سبب دشمني سان ڪو غرض به ناهي ته هي ڪلھ واري پي ڊي ايم کي جيئن ذليل ۽ خوار ڪندو هيو اهو هاڻي به ممڪن آ، ان ڪري ”چيئر گيم“ پئي ٿي هلي يا هلندي رهندي، ڇو ته پي ڊي ايم سان وڙهي عمران خان 13 پارٽين کي دوستي ڪرڻ سيکاري ويو ۽ اڪيلو دشمني جي ”سرڪل“ ۾ بيهي پنهنجي سياسي دورانديشي جو ثبوت ڏئي اها سياست به وڃائي ويٺو يا اها ٻي ڳالھ ته فوج سان ”بيڊ رومانس“ يا نفرت انگيز بيانن به هن کي ان نور مان ڪڍي ڇڏيو ۽ فوج هن جي محبوبيت کان انڪاري ٿي بيهي رهي ۽ خان کي فوجي اسٽبشلمينٽ سياسي اکاڙي ۾ کيس اڪيلو ڪري بيهاري ڇڏيو يا اها ٻي ڳالھ آ ته خان جي ملڪ سان ايترو سچو هيو ته پنهنجي دور ۾ عوامي ڪم ڪرائي ۽ قوم کي ڳڻائي هان ته ماڻهو يقين به ڪن هان ته هي ٺاهوڪو سياستدان هيو ۽ وڏي ڄميل سياست ڪري ويو يا هاڻي خان کانسوا ملڪ جي سياست لولي لنگڙي ۽ ڦڏي سڏي پئي هلي ان ڪري هاڻي هي سياست ۾ ضروري به ناهي، ڊان ٽي وي جي هڪ خاص انٽرويو ۾ خان ان ڳالھ تي پاڻ به حيران هيو ته هي گولي لڳڻ کانپوءِ سروائيو ڪيئن ڪري ويو يا هن اهو به چيو ته هن کي ڪجھ مخالف ڌريون جيئرو ڏسي وائڙيون آهن ۽ اهي چاهن پيون ته هي خان ان گولي جو نشانو بڻجي هان يا ”سنپرشوٽر“ نشانو نه وٺي سگهيو ۽ هن جا مخالف بند ڪمرن ۾ هن جي مارڻ جا پلان ڪندا هيا يا ارشد شريف جو قتل به هڪ معمو بڻيل آهي ته آخر اهي سڀ شيون هاڻي ڇو ٿيون يا انهن جهلڪين جي هاڻي ضرورت پيش ڇو آئي يا هڪ ڳالھ اها به آهي ته اسٽبلشمينٽ، فوج، عسڪري ادارا، ٻاهريون قوتون يا بيروني پريشر ان ڳالھ تي بضد آهن ته رڳو خان نه هجي يا پي ڊي ايم وارا ڀلي هجن يا اهڙو ڪهڙو سياسي اڳواڻ آ جيڪو فوج، عسڪري ادارن، اسٽبلشمينٽ ۽ مخالفن کي سياسي زد ۽ ضد ۾ نه آڻيندو هجي يا فوج کي يا عسڪري شخصن کي گھٽ وڌ نه ڳالهائيندو هجي (يا هي پاڻ ڪهڙي مهل فوج سان رابطي ۾ ناهي رهيو) يا شهبازشريف گاڏيءَ جي پوئين سيٽ تي ويهي عسڪري شخصن سان ملڻ ويندو هيو جنهن جي تصديق خان پنهنجي انٽرويو ۾ ڪئي (يا خان پاڻ ڪڏهن فوجي شخصن سان سياسي معاملا طئي ناهي ڪندو يا هن جنرل باجوا سان ڪهڙين ڳالهين تي ضد ڪيو جو اهي ڪاوڙجي ويس پر ڳالھ اها به آهي ته هن پنهنجي دور ۾ اسٽبلشمينٽ جي هڪ نه مڃي يا هن ملڪي مفاد ۾ ڪهڙا اهم ڪم سرانجام ڏنا جنهن مان اهو سمجهجي هان ته هي هڪڙو صحيح آ ۽ باقي سڀ غلط آهن) پر فوجي اسٽبلشمينٽ وارن بگڙيل معاملن کي هاڻي هن جا ساٿي اڳواڻ خراب نظر ٿا ڏسن توڻي جو فوج، عسڪري ادارا يا شخص ان جمهوري روايتن کان ڪٽيل به رهندا آيا آهن يا اهي ڊيموڪريٽڪ فريم ۾ فٽ به ناهن ان ڪري ان ڳالھ کان انڪار ناهي ته انهن کان ڊڪٽيشن وٺڻ بنان ڪنهن اڳواڻ حڪومت به هلائي هجي يا نائين اليون کانپوءِ اسٽبلشمينٽ جي مداخلت کڻي تيز ٿي وئي هئي جو آمريڪي سياسي اڪابرن سان هي اسٽبلشمينٽ وارا پاڻ ڳالهيون طئي ڪندا هيا جيئن جنرل ايوب خان روس جي ڊس انٽيگريشن واري ٽائيم تي طالبان واري فيڪٽري هلائيندا هيا جيڪا جنرل ضياءَ واري درو تائين منظم طريقي سان هلندي آئي يا جيڪا هاڻي به انڌي منڊي هلي ٿي، پر ان ڳالھ کي مڃڻ گهرجي ته اسٽبلشمينٽ ۽ فوجي شخصن جي حيثيت يا نريٽو کي پٺي نه ٿي ڏئي سگهجي يا بغاوت جا علم بلند نه ٿا ڪري سگهجن ان ڪري ته اسٽبلشمينٽ کڻي ڪوئلي جو ڪاروبار به هجي پر سياسي سياڻپ به ڪم ڏيکاري يا دورانديشي کان ڪم وٺڻ به هڪ ڀلي اڳواڻ جو ڪم هجي ٿو، پوءِ ٿئي ائين ٿو ته ايتري دادلائپ هوندي به حڪومتون “رجيم چينج“ جو شڪار ٿي ٿيون وڃن، ساڳي انٽرويو ۾ عمران خان ان ڳالھ تي زور ڏنو ته فوجي اسٽبلشمينٽ سان هن جا واسطا توڻي جو خراب ٿي چڪا آهن پر هن جا ساٿي پوءِ به جمهوري روايتن تي يقين رکن ٿا ۽ اها ڳالھ به سمجهن ٿا ته فوجي اسٽبلشمينٽ وڏي منظم ۽ ان ڳالھ تي هي وري زور ڀريندو ته اهي جمهوريت ۽ فوجي اسٽبلشمينٽ وچ ۾ توازن برقرار رکن ۽ ان ساڳي انٽرويو ۾ خان اها ڳالھ به مڃي ٿو ته احتساب واري ڳالھ تي هن جا رابطا ۽ واسطا فوجي اسٽبلشمنيٽ سان ويتر خراب ٿيا يا افغان معاملي تي يا آمريڪي اسٽانس واري ڳالھ تي هي فوجي اسٽبلشمينٽ سان هروڀرو وچڙي پيو ان ڪري هن پنهنجي چڱي ڀلي سياست به داوَ تي هنئي ۽ هڙحاصل ڪجھ به ٿيس، يا فوج سان لاڳاپا خراب ٿيڻ ۾ پنجاب جي وڏ وزارت به شامل هئي ته فوجي اسٽبلشمينٽ عليم خان کي پنجاب جهڙي وڏي صوبي جو وزيراعلي ڏسڻ پئي چاهيو پر خان چودري پرويز کي وڏو وزير بڻائڻ ڳالھ تي بضد هيو يا اها ڳالھ به مڃي ٿو ته گوگي کان وٺي عليم خان ۽ جهانگير خان ترين به ڪرپشن جي وهندڙ گنگا ۾ هٿ ڌوتا پر ڳالھ اها به هئي ته جڏهن فوجي اسٽبلشمينٽ يا پي ٽي آءِ جا پنهنجا ڪرپٽ وزير احتساب واري ڳالھ کان آجا هيا ته پوءِ 13 پارٽين جي وزيرن ۽ اشرافيا ڪهڙو ڏوھ ڪيو ان ڪري ته قانون ته سڀ جي لاءِ برابر آهي ۽ ڪير به قانون کان ڪهڙي به طريقي مٿانهون ناهي ته خان جا وزير ته پهرين پيش ٿين هان يا نيب انهن تي به ڪات ڪهاڙا تيز ڪري هان پر اتي به خان پنهنجي اثر کي استعمال ڪيو پنهنجي ڪيسن تي حاضريون دير دير ڪرائي وقت ٽپائي ويو پر ڳالھ جي احتساب جي آ ڳالھ جي صوابديد جي آ ته هاڻي شهبازشريف به ڪري ۽ پنهنجا اختيار استعمال ڪري ان ڪري سڀاڻي جي ٻيو ڪو ايندو ته اهو به اهو ئي ڪندو پر سڀني کان مٿانهين ڳالھ ملڪ جي انٽريسٽ باقي هجي ۽ پائيدار سياست ڪجي جنهن ۾ ملڪ ۽ عوام جو ڀلو ممڪن هجي.
