عمرڪوٽ(ڊ ر) حيدرآباد جي نوجوان صحافي پون ڪمار سان سندس والد لوڻارام جي ديھانت تي عمرڪوٽ شھر ۾ سندن رھائشگاھ تي ڏک ونڊڻ جو سلسلو جاري آھي جتي پي ٽي آء جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي، اڳوڻي ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر سيد نور علي شاھ، پ پ اڳواڻن سيد سرفراز علي شاھ، برھان الدين ڪنڀر، سيٺ دليپ مولچنداڻي، ڊاڪٽر بيکارام، سنڌ جي نامياري اديب زوار نقوي، خالد ٻٻر، صحافين خالد چانڊيو، قاضي ڪاسترو، شڪيل چانڊيو، اصغر خاڻوٺي، سماجي اڳواڻ عباس کوسو، پروفيسر اسماعيل ڪنڀر، پرشوتم لوھاڻه، ڪمار ٽلواڻي، سامارو جي سينئير صحافي سريش ڪمار مالھي، سروپ سنگھ سوڍو سميت سياسي سماجي ادبي حلقن ۽ صحافين تڏي تي پُھچي صحافي پون ڪمار، سندس ڀائرن پرڪاش، نوجوان صحافي چيتن ڪمار، ڀڳوانداس مھراج ۽ ٻين سان ڏک ونڊيو
