حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير عورتن جي ترقي شهلا رضا چيو آهي ته معاشري ۾ مختلف قسم جي تشدد جو شڪار ٿيل بي سهارا عورتن لاءِ عورتن جي ترقي وارو کاتو هر طرح جي قانوني ۽ لاجسٽڪ مدد فراهم ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو هن چيو ته اڪثر ڪيسن ۾ چوڪرين جا والدين وقت سراغوا ظاهر نه ڪندا آهن جنهن سبب مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو اهڙن خيالن جواظهار هن اڄ دارالامان قاسم آباد حيدرآباد جي دوري جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. ننڍي ڄمار جي ڇوڪرين جي شادين جي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اهڙي طرح جا تمام گهڻا ڪيس سوشل ميڊيا ذريعي سامهون ايندا آهن ۽ والدين به ٻارن جي شادين جا ڪيس منظر عام تي آڻڻ تي تيار نه هوندا آهن تنهن هوندي به نياڻي جو لفظ ٻڌي عورتن جي ترقي وارو کاتو اڳيان وڌي ڪري متاثرٿيلن کي معاونت فراهم ڪندو آهي هن چيو ته ننڍي ڄمار جي شادين ۽ عورتن تي تشدد جو هڪ سبب ناخواندگي ۽ آگاهي جي کوٽ آهي _ هن چيو ته هر غائب ٿيندڙ ڇوڪري جو واقعو اغوا جو واقعو نه هوندو آهي ڪجهه ڇوڪريون پنهنجي ناسمجهي جي ڪري گهر ڇڏي به هلي وينديون آهن ۽ ڪجهه ڪيس وائرل ٿيندا آهن ته اسانکي ۽ توهان کي ان بابت معلوم ٿيندي آهي _ چندا مهاراج جنهن کي مبينا طور تي اغوا ڪري زبردستي اسلام قبول ڪرايو ويو جي ڪيس جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال تي هن چيو ته ان جو ڪيس ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي ۽ کيس قانوني معاونت فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته عدالت جي حڪم تي سندس ميڊيڪل به ٿي رهيو آهي جنهن بعد اها به ڳالهه واضح ٿي ويندي ته اها بالغ آهي يا نه ۽ ان معاملي تي عدليه جي فيصلو جو احترام ڪنداسين _ هن چيو ته ان معاملي ۾ اسانکي آگاهي جي ضرورت آهي گهڻي ڀاڱي هندو مذهب جون ڇوڪريون ته اسڪول به گهٽ وينديون آهن ۽ اهي اطمينان سان چئي ڇڏينديون آهن ته اسان مذهب پنهنجي مرضي سان تبديل ڪيو آهي صوبائي وزير چيو ته مان چاهيان ٿي ته ان مسئلي تي عالم سڳورا اڳيان اچن ڇاڪاڻ ته اهڙي طرح جي مسئلن ۾ شرعي معاملن جي ضرورت پوندي آهي _ دارالامان ۽ سيف هائوس جي دوري جي موقعي تي هن پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته دارالامان ۽ سيف هائوس متاثر ٿيل ڇوڪرين کي سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جڏهن ته عورتن جي ترقي وارو کاتو، متاثرٿيل عورتن کي پناهه سميت قانوني مدد پڻ فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهيو آهي _ ان موقعي تي سيف هائوس جي انچارج ريشماٿيٻو، وڪيل ريحانه گجر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ عاشق حسين ڪلهوڙو پڻ موجود هئا.
