لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڳڙهي خيرو جي ڳوٺ ڪجلو خان لهر جي رهواسين زرعي زمين تي مبينا قبضي ۽ بااثر مائٽن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت شهباز خان لهر پنھنجي سئوٽ نواب لهر ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته منهنجي ڏاڏي ريحان خان جي نالي تي ديهه رسول آباد ۾ 200 جريب زرعي زمين آهي جنهن مان منهنجي والد سميت ٽن چاچن جو حصو آهي ان زرعي زمين مان مون سميت منهنجا سئوٽ خيرمحمد، الطاف ۽ صابر توڙي گهر ڀاتي مختلف فصل ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون. هن الزام لڳايو ته ٻوڏ دوران اسان ڳوٺ مان لڏي ڳڙهي خيرو شهر ۾ عارضي اختيار ڪئي ته پٺيان بااثر سئوٽ خيرمحمد لهر پنهنجي پٽن شمن علي، منٺار علي، ڀائرن علي غلام ۽ محب علي عرف سهراب لهر سان گڏجي ڄاڻايل سموري زرعي زمين تي قبضو ڪري اسان کي زمين جي مالڪي تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ان خلاف مون اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙهي خيرو، مختيارڪار ۽ تپيدار ڳڙهي خيرو کي درخواستون ڏنيون پر هن وقت تائين قبضو ختم ٿي نه سگهيو ويتر بااثر سئوٽ اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏئي ڄاڻايل زرعي زمين وڪرو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کي اپيل ڪئي ته بااثر سئوٽ سندس پٽن ۽ ڀائرن خلاف ڪاروائي ڪري زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرائي سمورن سئوٽن کي پنهنجي حصي جي زرعي زمين ڏياري تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
