نوابشاهه ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه(ڊ ر) تعلقي نوابشاهه جي ڇوٽڪو ۽ ڄام لغاري شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاران پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف ناصر حسين پٺاڻ، عبدالجبار کوسو، حاجي علي شير بروھي، محمد علي بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اڄ ستين ڏينهن به نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان پڇڙي جا آبادگار گذريل ستين ڏينهن کان پنھنجي حصي جي پاڻي لاءِ احتجاج ڪري رھيا آھيون ليڪن اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن چيو ته پاڻي نه ملڻ ڪري اسان جون زمينون ۽ انھن ۾ پوکيل ڪڻڪ ۽ سرنھن جو فصل تباھه ٿي رھيو آھي، ھنن چيو ته ايريگيشن عملو پنھنجي من پسند آبادگارن کي رشوت عيوض پاڻي ڏئي رھيو آھي جنھن جي ڪري اسان پڇڙي جي آبادگارن جي زمين ۾ پوکيل فصل تباھه ٿي رھيو آھي، ھنن چيو ته اڄ اسان کي ستون ڏينھن آھي احتجاج ڪري رهيا آهيون ليڪن ايريگيشن عملو اسان کي صرف آسرا ڏئي رھيو آھي ۽ پاڻي نه ملڻ ڪري اسان جو پوکيل فصل تباھه ٿي رھيو آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏئي اسان جو پوکيل فصل بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں