هارين ۾ ٻج لاءِ معاوضي جي ورڇ شروع ڪئي وڃي: بلاول جي سنڌ حڪومت کي هدايت

ڪراچي (بيورو) چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت کي هدايت ڪندي چيو آهي ته هو ايندڙ 20 ڏينهن ۾ ربيع جي فصل هارين پاران خريد ڪيل ٻج لاءِ سندن نقد رقم ڏيڻ شروع ڪئي وڃي. ٻوڏ/ برساتن اڳي ئي هارين کي گهڻو نقصان پهچايو آهي ۽ هاڻي هنن ربيع جي فصل لاءِ پنهنجون زمينون تيار ڪري ورتيون آهن تنهنڪري سندن زرعي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ مدد ڪئي وڃي. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن منظور وساڻ، شرجيل ميمڻ ۽ مختلف کاتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته هارين کي رليف ڏيڻ لاءِ ضروري شيون مفت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ ڪڻڪ جي ٻج لاءِ نقد رقم منتقلي ذريعي هارين کي 5000 رپيا في ايڪڙ معاوضو ڏنو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته ان منصوبي لاءِ صوبائي حڪومت 8.39 ارب رپيا فراهم ڪيا جڏهن ته وفاقي حڪومت 4.7 بلين رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي ۽ ان مقصد لاءِ مجموعي طور 13.5 ارب رپيا گهربل آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيئرمين کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت فنڊنگ جي واعدي کانپوءِ ڀاڻ تي رعايت ڏيڻ تي ڪم ڪيو ويندو جنهن لاءِ 46 ارب رپيا گهربل آهن. وڏي وزير چيئرمين کي ٻڌايو ته ورلڊ بئنڪ 25 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ هارين جي مدد ڪري رهي آهي. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں