ٽنڊوغلام علي (ن س) ھڪ مهينو اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل نابالغ نارين جي وارثن جو عورتن ۽ پنهنجي معصوم ٻارن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي شريمتي گينا، شريمتي ميران رامجي ماوجي اشوڪ ٺاڪر ڪانجي ٺاڪر ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته بااثر جوابدار نابالغ ھندو نياڻين 13 سالا شريمتي حنا ۽ 11 سالا نشا کي زبردستي اغوا ڪري ھٿيارن جي زور تي مذھب تبديل ڪرائي مسلمان ڪري شادي ڪري ڇڏي، جنهن تي اسان بااثر ٻن مک جوابدارن سميت 8 ڄڻن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ جي باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار نه آھي ۽ جوابدار سرعام آزاد گمهي رھيا آھن. ھنن چيو ته اگر ميڊيڪل رپورٽ تبديل ڪرائي ته عدالت جا در کڙڪائينداسين مظاھرين آئي جي سنڌ ڊي آئي حيدرآباد ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته نابالغ نارين کي اغوا ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سنڌي ھندو کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
