ٿاڻوبولاخان (رپورٽ:گھنشام داس سامناڻي) رسڪ الائونس بند ڪرڻ ۽ ڪراچيءَ ۾ پرامن احتجاجي مظاهري ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن ۽ ٻئي عملي تي وحشياڻو تشدد ڪرڻ جي خلاف گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي تعلقه اسپتال ٿاڻوبولاخان جي ڊاڪٽرن ، ليڊي هيلٿ ورڪرن پيراميڊيڪل اسٽاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال کي تالا لڳائي ڇڏيا. سوين مريض دربدر ، ملازمن ڊاڪٽر پريم ڪمار ، ڊاڪٽر شعيب ميمڻ ، ڊاڪٽر جئه ڪمار، ميڊم شاندار پالاري ، عذره خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ تعلقه اسپتال کان مين روڊ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري مين روڊ تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٻنهي پاسن کان ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون. مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مطالبن جي مڃتا جي لاء سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين ڊاڪٽر پريم ڪمار ، ڊاڪٽر جئہ ڪمار ، ڊاڪٽر شعيب ميمڻ ، نظيران خاصخيلي ، ميڊم شاندار پالاري ، عذره خاصخيلي ، پيراميڊيڪل جنرل سيڪريٽري منير ميمڻ ، نصير خاصخيلي ، جان محمد موٽياڻي ، رياض خاصخيلي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا جي لاء گذريل هڪ مهيني کان پرامن احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آھيون سموري سنڌ ۾ صحت کاتي جا ملازم سراپا احتجاج بڻيل آهن هنن چيو ته صحت کاتي جا ملازم هر وقت رسڪ تي هوندا آهن. ملڪ جي 3 صوبن ۾ صحت کاتي جي ملازمن رسڪ الائونس ڏنو پيو وڃي صرف اسان وٽ سنڌ ۾ اسان سان ظلم ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته ڪراچيء ۾ پنهنجي حقن جي لاء پرامن احتجاج ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرن ۽ ٻئي عملي تي سنڌ حڪومت جي چوڻ تي سنڌ پوليس وحشياڻو تشدد ڪيو آهي سنڌ جي نياڻين کي روڊن تي گهليو ويو آهي انهن جا ڪپڙا ڦاڙي ناروا سلوڪ ڪيو ويو آهي سنڌ ۾ نياڻين جي هلي اچڻ جي ڪري خون بخشيا ويندا آهن پر سنڌ حڪومت اسان سانانصاف ڪرڻ بدران اسان تي ظلم ڪري رهي آهي هنن چيو رسڪ الائونس بند هئڻ جي خلاف سڄي سنڌ ۾ او پي ڊي جو مڪمل طور بائيڪاٽ آهي ايمرجنسي کان علاوه سمورا شعبا بند آهن ان باوجود سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي جي وزير جي ڪن تي جوء نٿي سري هنن چيو ته پنهنجي حقن جي حاصلات جدوجهد جاري رهندي هنن چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏهن جلد کان جلد اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته اسان موٽروي روڊ بند ڪري ان تي ڌرڻو هڻنداسين اسان پنهنجن حقن جي حاصلات جي لاء جدوجهد ڪندا رهنداسين.
