ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو 45 مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سنڌ انڊوومينٽ اسڪالرشپ فنڊ ۽ نيشنل انڊوومينٽ فار ٽيلينٽڊ اسٽوڊنٽس تحت 17 لک 96 هزار رپين جا اسڪالرشپ چيڪ ورهايا. ان موقعي تي هن کين دل لڳائي پڙهڻ جي صلاح پڻ ڏني. سنڌ انڊوومينٽ اسڪالرشپ فنڊ تحت تقريبن 39 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 12 لک 80 هزار ۽ نيشنل انڊوومينٽ اسڪالرشپ فار ٽيلينٽڊ اسٽوڊنٽس تحت 6 مستحق اميدوارن ۾ 5 لک 16 هزار رپين جا چيڪ ورهايا ويا. چيڪ ورهائڻ واري تقريب وي سي سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو کان سواءِ سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جو پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ، سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻو ڪئمپس جو فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه، اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرز ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جو ڊائريڪٽر پروفيسر سعيد احمد منگي، قمر نانگراج، محمد رافع ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو شاگردن ۽ شاگردياڻين کان سندن پڙهائي بابت پڇيو ۽ کين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ دستياب اسڪالرشپ جي موقعن کان تفصيلي آگاهه ڪيو. هن اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ خوش نصيب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سخت محنت ۽ لگن سان دل لڳائي پڙهڻ جي به تلقين ڪئي.
