گڏاپ (ن س ) ڪراچي منگهو پير جي علائقي ۾ حد دخلين خلاف آپريشن لاء ويل انڪروچمينٽ ٽيم مٿان قبضي مافيا پاران سڌي فائرنگ مختيارڪار اعجاز چانڊيو قتل, اي ڊي سي اولھ سميت ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا۔ مختيارڪار اعجاز چانڊيو مٿان قبضي مافيا پاران پورو برسٽ هلايو ويو جنهن ڪري هو ٿڏي تي مارجي ويو۔ واقعي واري هنڌ ٽي پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا جنهن کانپوء ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او واقعي واري هنڌ پهتا پر هن وقت تائين ڪا گرفتار عمل ۾ نه اچي سگهي آهي۔ قبضي مافيا پاران اينٽي انڪروچمينٽ پوليس مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي آهي شهر ۾ مختلف زمينن تي قبضي پويان سسٽم جو وڏو هٿ آهي جنهن ڪري پوليس توڙي روينيو عملدار خاموش بڻيل آهن ڪاروائي ڪرڻ دوران ڪيترائي آفيسر معطل يا شهيد ٿين پيا
