آرمي چيف جي مقرري تي بحث غير ضروري آهي، ان مامري تي سياست نه ڪرڻ گھرجي: بلاول

ڪراچي (بيورو) پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري تي بحث غير ضروري آهي. ان مامري تي سياست نه ڪرڻ گھرجي. ڪراچي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته افسوس مقرري تي غير ضروري سياست ڪئي پئي وڃي، اسان جي ڪنهن اتحادي يا ڪنهن کي به جلسن ۾ اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، مقرري جي عمل کي آئين ۽ قانون موجب مڪمل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته خان صاحب جي سياست شروع ڏينهن کان هڪ مقرري جي چوڌاري گهمي رهي آهي، اسان سياسي بيان بازي تي نه خدمت تي يقين رکون ٿا، سڀني جي ترجيح ملڪ ۽ ان جي خدمت هجڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪيترن ئي مسئلن مان گذري رهيو آهي، ڪورونا، روس – يوڪرين جنگ ۽ موسمياتي تبديليون اسان کي متاثر ڪري رهيون آهن، ٻوڏ جا اثر معيشت ۽ بجيٽ تي به آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جگر جي علاج لاءِ ماڻهن کي ٻاهر وڃڻو پوندو هو، علاج تمام مهانگو آهي، مان ڏاڍو خوش آهيان ته سنڌ ۾ جگر جي علاج جي سهولت مفت ڏني پئي وڃي، اسان جو مقصد ئي اهو آهي ته عوام کي مفت سهولتون ڏيون. پرڏيهي وزير چيو ته جگر جي پيوندڪاري لاءِ سنڌ حڪومت فنانسنگ جو بندوبست ڪيو، هر ضلعي ۾ دل جي علاج لاءِ سهولت موجود آهي، اسپتالن ۾ سهولتون اڃا وڌائينداسين، اسان جي ڪوشش آهي ته ماڻهن کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏيون.ٻئي طرف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري انٽرنيشنل دفاعي نمائش آئيڊياز 2022 جو افتتاح ڪري ڇڏيو، نمائش ۾ فوجي قيادت،  مختلف ملڪن جا سفير، عالمي واپاري، وڏو وزير سيد مراد شاهه، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته ملڪ ڏيوالي مان نڪري چُڪو آهي، اتحادي حڪومت ملڪ کي چئلنيجز مان ڪڍڻ لاءِ منهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان خطرناڪ ٻوڏ کي مُنهن ڏنو، ٻوڏ سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا، جن جي بحاليءَ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان دنيا ۾ امن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، پرڏيهي پاليسي تحت ٻين ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪري رهيا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جو استعمال ترقي جي راهه ۾ تمام گهڻو مددگار آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان دنيا ۾ امن لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندو، پنهنجي پرڏيهي پاليسي تحت ٻين ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪري رهيا آهيون، خطي جي بهتري لاءِ ڪشمير مسئلي جو پرامن حل ضروري آهي. دفاعي نمائش آئيڊياز چئن ڏينهن تائين جاري رهندي، 17 نومبر تي ڪراچي جي سمنڊ ڪناري ايئر شو منعقد ڪري مختلف مشقون ڪيون وينديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں