اسلام آباد (بيورو) سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل ڪيس ۾ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي فيصل واوڊا ۽ مراد سعيد کي طلب ڪري ورتو. ارشد شريف قتل ڪيس ۾ وقار احمد ۽ سندس گهرواري نيروبي ۾ انڊپينڊنٽ پوليس ۽ سائيٽ اٿارٽي سامهون پيش ٿيا، جتي کانئن ارشد شريف جي قتل جي سلسلي ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. ذريعن موجب فيصل واوڊا ۽ مراد سعيد کي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي سومر ڏينهن ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر طلب ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي کي شاهدين سان گڏ ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر اچڻ لاءِ نوٽيس موڪليا ويا آهن. واضح رهي ته فيصل واوڊا ۽ مراد سعيد دعويٰ ڪئي هئي ته اهي ارشد شريف کي پيش خطرن کان آگاهه هئا.
